صحرا ۾ وسڪارو

صحرا ۾ وسڪار

درد جي صحرا ۾ مان، وسڪار ٿو چاهيان،
تنهنجي ٻانهن جو ڳچيءَ ۾، هار ٿو چاهيان.

تنهنجي نيڻن مان پيان مان، مئه محبت جي،
عمر ساري عشق جو، خمار ٿو چاهيان.

تنهنجي قدمن جي مٽي، منهنجي مٿي جو تِلڪ،
تنهنجي گهٽيءَ جو مان ئي، غبار ٿو چاهيان.

اي سڄڻ! تو ريءَ سڄي دنيا ائين لڳندي،
ڄڻ خزائن ۾ سڙيل، گلزار ٿو چاهيان.

رات ساري تنهنجي يادن، سان ڪيان ڳالهيون،
چنڊ جهڙو پنهنجو، غمخوار ٿو چاهيان.

منهنجي هستي، مستي، تنهنجي قدمن ۾،
قرب جو مون سان به، ڪو اقرار ٿو چاهيان.

ڏي پناهون زلف جي، ڪاري گهٽا ۾ تون،
بيقراريءَ منجهه، مٺڙا! قرار ٿو چاهيان.

"ستار" تنهنجي ديد جو، آهي گدا هردم،
مان ته پنهنجي يار جو، ديدار ٿو چاهيان.
 
آخري ترميم:
Back
Top