وارن جا ونگ

نيڻن سان نه ڪر تنگ پرين،
وارن ۾ نه وجهه ونگ پرين.

تنهنجي مُکڙي جي مَهڪار ڏسي،
رهجي ٿو وڃان دنگ پرين.

خلوص تنهنجي جي خوشبوءِ سان،
واسجي ويو انگ انگ پرين.

الفت تنهنجي آ اهڙي جو،
چڙهي ويو روح تي رنگ پرين.

تنهنجي احساس جي آڌار تي،
جِي وڃان ٿو هيءَ جنگ پرين.

وفا جي واٽ تي او "ستار"،
سدائين گهران تنهنجو سنگ پرين.
 
Back
Top