من جي محبت

من ۾ محبت رک او پيارا،
سڀ لاء عزت رک او پيارا.

دنيا دولت به اهم آ پر،
دل ۾ غيرت رک او پيارا.

مانُ ڏي تون هر ماڻهو کي،
اهڙي جرئت رک او پيارا.

خالي هٿين ويندين آخر،
نيڪي کٽت رک او پيارا.

سچ ته ڪڙو لڳندو آهي،
حق تي بيعت رک او پيارا.

"ستار" سان تو گڏجي سائين،
اهڙي جرت رک او پيارا.
 
آخري ترميم:
Back
Top