چمچاگيري

چمچاگيريءَ سان چاهه رکن ٿا،
هر ڪنهن سان هو ٺاهه رکن ٿا.

ظاهر مٺڙا ماکيءَ جهڙا،
اندر ۾ ڪا باهه رکن ٿا.

تهذيبن کان تڙيل آهن،
حيوانن جو ساهه رکن ٿا.

محبت کان هو منڪر اهڙا،
نفرت ۾ ويساهه رکن ٿا.

نفرت دل ۾ هوندي "ستار"!
ڪوڙي واهه واهه رکن ٿا.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
 
Back
Top