عبدالستار پنهور
فعال رڪن
قلم کڻي پيو، قلم کپائي،
تعليم ناهي، علم کپائي.
دنيا سمجهي سڀ ڪجھ هن،
بڻجي بي پرواھ بلم کپائي.
پيار الفت جي ڪا قيمت ناهي،
جو به آيو، ستم کپائي.
خوف نه اٿس محشر جو،
شوق مان پيو درم کپائي.
حق ماري ٿو ماهر بڻجي،
ظلم مٿان پيو ظلم کپائي.
شال "ستار" کي عقل اچي،
پنهنجو ئي پيو ڀرم کپائي.
تعليم ناهي، علم کپائي.
دنيا سمجهي سڀ ڪجھ هن،
بڻجي بي پرواھ بلم کپائي.
پيار الفت جي ڪا قيمت ناهي،
جو به آيو، ستم کپائي.
خوف نه اٿس محشر جو،
شوق مان پيو درم کپائي.
حق ماري ٿو ماهر بڻجي،
ظلم مٿان پيو ظلم کپائي.
شال "ستار" کي عقل اچي،
پنهنجو ئي پيو ڀرم کپائي.