راڄ نه هلندا

راجائن جا هاڻي ته راڄ نه هلندا،
ڪوڙن سندا ڪي به تاج نه هلندا.

ظلم جنهن به ڪيو آ هن جڳ تي ادا،
تن جا هي تخت و تاج نه هلندا.

جڏهن حق جو پڌرو هوڪو ٿيندو،
مصلحتن جا ڪوڙا ڪاڄ نه هلندا.

وقت بدليو آ هاڻي سوچون بدليون،
پراڻا اهي ڪي رواج نه هلندا.

سچ جي اڳيان ڪوڙن جا هي،
ڪي به اجايا پاڄ نه هلندا.

درد مليو آ جنهن به دل کي،
خالي هاڻي هي علاج نه هلندا۔

رهزن جڏهن رستا روڪي بيهن،
رهبر کانسواءِ راڄ نه هلندا.

اُٿو ته پنهنجو حق وٺون هاڻ،
هٿ ٻڌي هي پينگھراج نه هلندا.

سچ ته چيو آ "ستار" پنهنجو،
انصاف ريءَ هي سماج نه هلندا.
 
Back
Top