ادبي سنگت جي اليڪشن

اديب اڄ ووٽ وٺڻ آيو،
نئين ڪا جوٽ وٺڻ آيو.

حوالا ڏئي پيو هو ڏاهاڻا،
وڏي ڪا موٽ وٺڻ آيو.

ڏنائين سوکڙي ڪتاب پنهنجو،
ڄڻ ته ڪو نوٽ وٺڻ آيو.

عجب هي حال آ "غريبڙن" جو،
جو در در ووٽ وٺڻ آيو.

ڪري پيو "سنگت" جون ساراهون،
مٿان ئي شوٽ وٺڻ آيو.

"ستار" چانھ ته پي ويو پهرين،
پوءِ مٺي موٽ وٺڻ آيو.
 
Back
Top