پيار جي پرواز

غزل

پيار جي پرواز ڪو ڄاڻي نٿو،
عشق آهي باز ڪو ڄاڻي نٿو.

پيار تي پردا رکيل ئي خوب آهن،
ڀرم جو هي راز ڪو ڄاڻي نٿو.

هرڻيءَ وانگر ٿي هلي هر جاءِ تي،
سونهن جو انداز ڪو ڄاڻي نٿو.

خاموشيءَ ۾ شور آ هڪ حشر جو،
منهنجو هي آواز ڪو ڄاڻي نٿو.

انتها جو ذڪر ته هرڪو ڪري،
عشق جو آغاز ڪو ڄاڻي نٿو.

درد جي محفل ته لڳي وئي "ستار"،
دل جو سوز و ساز ڪو ڄاڻي نٿو
 
Back
Top