ڌرتي جو ديوانو

آهيان ڌرتي جو ديوانو،
هيءَ مٽي منهنجي سڃاڻپ آهي.
هن ۾ منهنجو جنم ٿيو،
هن ۾ ئي منهنجو نانءُ آهي.

هن ڌرتيءَ جا وڻ،
درياهه ۽ پهاڙ
مون کي پنهنجو چون ٿا،
۽ مان به
انهن کي دل سان مڃان ٿو.

هيءَ ڌرتي
منهنجي اميد آهي،
سکن ۾ ساٿ،
ڏکن ۾ سهارو آهي.

شهيدن جو رت
هن مٽيءَ ۾ شامل آهي،
ان ڪري
هيءَ ڌرتي
مون لاءِ مقدس آهي.

نه دولت گهرجي،
نه وڏا خواب،
بس
هيءَ ڌرتي سلامت هجي
۽ مان ان سان وفادار رهان.

اڄ جيڪڏهن خاموش آهيان،
ته ڪمزور نه آهيان،
وقت آيو
ته
هن ڌرتي لاءِ
آواز به بڻجندس.

آهيان ڌرتي جو ديوانو،
جيئندس به هتي،
۽ ساهه به
هن مٽيءَ ۾ ڇڏيندس.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
 
Back
Top