ديڳ الڳ آ

هر ڪنهن جي هتي ديڳ الڳ آ،
قيمت هن جي! بيگ الڳ آ.

پنج ست ماڻهو پويان بيٺل،
هن جو ٺهيل ٽيگ الڳ آ.

ڏينهن جو ڏاڍا نعرا هوندا،
رات جو هن لاء پيگ الڳ آ.

وندر هنن جي بس واٺاگيري،
لوٽن جي هتي گينگ الڳ آ.

مفادن خاطر مٽجن پارٽيون،
هر ڪنهن جي هتي ليگ الڳ آ.

ظاهر ۾ سڀ ٻانهن ٻيلي،
اندر ۾ پر ڀيگ الڳ آ.

اڃايل ماروئڙا ٿر ۾ تڙپجن،
هنن جي ته تپندڙ ريگ الڳ آ.

سڀڪو پنهنجي واهه واهه ۾،
"ستار" هتي ته ميگ الڳ آ.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
 
Back
Top