عبدالستار پنهور
فعال رڪن
محبت جي سڄي بازي آهي،
هو تنهن تي ئي ته رازي آهي.
پريت جا سودا آهن سارا،
ڪير نه منهنجو قاضي آهي.
ڪو به ڪنهن جو ناهي هتڙي،
ڪوڙي هيءَ ذهن سازي آهي.
محبت کي نعرو بڻايو اٿن،
سراسر هيءَ سياسي بازي آهي.
ڪوڙو واعظ، ڪوڙا وعدا،
زبان تي رڳو لفاظي آهي.
سچ چوڻ تي سڀ چون ٿا،
ستار به هاڻي ماضي آهي.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
هو تنهن تي ئي ته رازي آهي.
پريت جا سودا آهن سارا،
ڪير نه منهنجو قاضي آهي.
ڪو به ڪنهن جو ناهي هتڙي،
ڪوڙي هيءَ ذهن سازي آهي.
محبت کي نعرو بڻايو اٿن،
سراسر هيءَ سياسي بازي آهي.
ڪوڙو واعظ، ڪوڙا وعدا،
زبان تي رڳو لفاظي آهي.
سچ چوڻ تي سڀ چون ٿا،
ستار به هاڻي ماضي آهي.
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal