عبدالستار پنهور
فعال رڪن
شور ۾ مان زندگي ڳوليان ٿو پيو،
هڪ نئون احساس مان جوڙيان ٿو پيو.
اڄ جي هن نفسانفسيءَ جي گهڙيءَ،
قربتن جا قدم سوريان ٿو پيو.
نفرتون پلجن ٿيون روزانو پيون،
عشق جا مان مورچا کوليان ٿو پيو.
هر طرف آهن انائن جون ڪنڌيون،
ڏات سان تن کي اڄ ڏوريان ٿو پيو.
خواهشن جو هرڪو بڻجي ويو غلام،
تنهن غلاميءَ گار کي ڀوريان ٿو پيو.
عقلِ ڪل ناهي ڪو هن سنسار ۾،
پاڻ کي اڄ پاڻ مان توريان ٿو پيو.
پنهنجن جي آ اڄ عدالت اي ستار!
جيءُ پنهنجو تن اڳيان جهوريان ٿو پيو.
هڪ نئون احساس مان جوڙيان ٿو پيو.
اڄ جي هن نفسانفسيءَ جي گهڙيءَ،
قربتن جا قدم سوريان ٿو پيو.
نفرتون پلجن ٿيون روزانو پيون،
عشق جا مان مورچا کوليان ٿو پيو.
هر طرف آهن انائن جون ڪنڌيون،
ڏات سان تن کي اڄ ڏوريان ٿو پيو.
خواهشن جو هرڪو بڻجي ويو غلام،
تنهن غلاميءَ گار کي ڀوريان ٿو پيو.
عقلِ ڪل ناهي ڪو هن سنسار ۾،
پاڻ کي اڄ پاڻ مان توريان ٿو پيو.
پنهنجن جي آ اڄ عدالت اي ستار!
جيءُ پنهنجو تن اڳيان جهوريان ٿو پيو.