ساھ جي تند

ساھ جي تند جڙيل آ توسان،
منهنجي هر مند جڙيل آ توسان.

ٻيو ڪير آهي سوا تنهنجي؟
جان ۽ هيءَ جند جڙيل آ توسان.

مٺايون ٻيون مان ڳوليان ڇو؟
بصري کير ۽ کنڊ جڙيل آ توسان.

رات جا خواب سڀ تنهنجا آهن،
منهنجي هر ننڊ جڙيل آ توسان.

درد هاڻي ته سڪ بڻجي ويو،
سک جي هر سند جڙيل آ توسان.

مان وڃايل لوڪ آڏو هان،
شاعريءَ جو بند جڙيل آ توسان.

ساھ کڻندي تنهنجو نانءُ وٺان،
منهنجي هر ڦند جڙيل آ توسان
.
ستار! رب کان هيءَ دعا گهران،
منهنجي هر حمد جڙيل آ توسان.
 
Back
Top