قيد ۾

اڃان دل آ باندي، تنهنجي قيد ۾،
ٿيا وار چاندي، تنهنجي قيد ۾.

هزارين حسين چهرا موجود آهن،
پر اها دل آ ماندي، تنهنجي قيد ۾.

ٻين پويان ڊوڙون اسين ڇا جي لاء؟
آ الفت هيڪاندي، تنهنجي قيد ۾.

محبت ته هر ڪنهن جوانيءَ ۾ ماڻي،
رهي دل هي واندي، تنهنجي قيد ۾.

نه آزادي سُکي، نه جهان ٿو وڻي،
هر ساهه تي پابندي، تنهنجي قيد ۾.

ستارؔ! ڏوھ ڪهڙو جي الفت ڪيم،
هي روح اڃان باندي، تنهنجي قيد ۾.
 
Back
Top