عبدالستار پنهور
فعال رڪن
هو جو منهنجو راڻو آهي،
هن سان ڪهڙو ماڻو آهي؟
ساهه ۾ اهڙي ڇڪ اٿس،
محبت جو هو ڄاڻو آهي.
مرڪ سندس ٿي روح جِياري،
ڄڻ پکيءَ لئه داڻو آهي.
جان به تنهن تان صدقي وڃي،
پرينءَ لئه ٻانهن وهاڻو آهي.
ماکي، مصري پنهنجي جاءِ تي،
هو ته مکڻ جو چاڻو آهي.
مون کان ائين ٿو شرمائي،
ڄڻ الفت ناهي، گهاڻو آهي.
تنهن سان ڪهڙا ماڻا هلندا،
هو روح پنهنجي جو راڻو آهي.
ستار! راحت روح کي تنهن مان،
يار ته پنهنجو نماڻو آهي.
هن سان ڪهڙو ماڻو آهي؟
ساهه ۾ اهڙي ڇڪ اٿس،
محبت جو هو ڄاڻو آهي.
مرڪ سندس ٿي روح جِياري،
ڄڻ پکيءَ لئه داڻو آهي.
جان به تنهن تان صدقي وڃي،
پرينءَ لئه ٻانهن وهاڻو آهي.
ماکي، مصري پنهنجي جاءِ تي،
هو ته مکڻ جو چاڻو آهي.
مون کان ائين ٿو شرمائي،
ڄڻ الفت ناهي، گهاڻو آهي.
تنهن سان ڪهڙا ماڻا هلندا،
هو روح پنهنجي جو راڻو آهي.
ستار! راحت روح کي تنهن مان،
يار ته پنهنجو نماڻو آهي.