عبدالستار پنهور
فعال رڪن
توکي پنهنجن خيالن ۾ ڳولهيان ٿو،
گذريل سڀني سالن ۾ ڳولهيان ٿو.
نه تون ملين ٿو نه چين ملي ٿو،
پاڻ کي تنهنجن سوالن ۾ ڳولهيان ٿو.
ڪتابن جي ورقن ۾ لڪل آهين تون،
لکيل پنهنجن مقالن ۾ ڳولهيان ٿو.
ڪڏهن تنهنجي ياد جي خوشبوءِ بڻجي،
تنهنجي منجهيل چالن ۾ ڳولهيان ٿو.
رڳو درد جو ئي پڙلاءُ پوي ٿو،
خالي پيل مڪانن ۾ ڳولهيان ٿو.
ستار! هي ڪهڙي ديوانگي آهي،
جو چنڊ کي پنهنجن ٿالن ۾ ڳولهيان ٿو.
گذريل سڀني سالن ۾ ڳولهيان ٿو.
نه تون ملين ٿو نه چين ملي ٿو،
پاڻ کي تنهنجن سوالن ۾ ڳولهيان ٿو.
ڪتابن جي ورقن ۾ لڪل آهين تون،
لکيل پنهنجن مقالن ۾ ڳولهيان ٿو.
ڪڏهن تنهنجي ياد جي خوشبوءِ بڻجي،
تنهنجي منجهيل چالن ۾ ڳولهيان ٿو.
رڳو درد جو ئي پڙلاءُ پوي ٿو،
خالي پيل مڪانن ۾ ڳولهيان ٿو.
ستار! هي ڪهڙي ديوانگي آهي،
جو چنڊ کي پنهنجن ٿالن ۾ ڳولهيان ٿو.