عبدالستار پنهور
فعال رڪن
نه اهي نيڻ آهن، نه شرم و وقار،
وڃي خودنمائيءَ جو پهتو آ بار.
جهڪي اک ويندي هئي غير کي ڏسي،
نه پردو رهيو آ، نه لڄ جي ميار.
هئاسين ادب جا سدائين محافظ،
مگر ٿي ويو هاڻ حالِ زار.
نه تهذيب ناتو، نه مورت شرافت،
فقط لائيڪس لئه مٽيو سڀ نهار.
وئي سونهن مٽجي، وئي سادگي به،
نمائش ۾ بدليو آ سارو سنسار.
ڪيو برپا جنهن هل، هن ٽڪ ٽوڪ دنيا،
وڃايو حيا، ڄڻ اها ڪاري خار.
سڃاڻج تون پاڻ کي، اي يار منهنجا،
وئي غيرت ته سمجھو ته مٽيو آ پيار.
اُٿي اي 'ستار'! هاڻ ٿي تون سجاڳ،
نه ته گناھ جو ٿيندو مٿان ئي حصار.
وڃي خودنمائيءَ جو پهتو آ بار.
جهڪي اک ويندي هئي غير کي ڏسي،
نه پردو رهيو آ، نه لڄ جي ميار.
هئاسين ادب جا سدائين محافظ،
مگر ٿي ويو هاڻ حالِ زار.
نه تهذيب ناتو، نه مورت شرافت،
فقط لائيڪس لئه مٽيو سڀ نهار.
وئي سونهن مٽجي، وئي سادگي به،
نمائش ۾ بدليو آ سارو سنسار.
ڪيو برپا جنهن هل، هن ٽڪ ٽوڪ دنيا،
وڃايو حيا، ڄڻ اها ڪاري خار.
سڃاڻج تون پاڻ کي، اي يار منهنجا،
وئي غيرت ته سمجھو ته مٽيو آ پيار.
اُٿي اي 'ستار'! هاڻ ٿي تون سجاڳ،
نه ته گناھ جو ٿيندو مٿان ئي حصار.