عبدالستار پنهور
فعال رڪن
جيئري ڏيو ڪو پيار، ادا!
ورسيون آهن خوار، ادا!
مُئي تي گل رکڻ مان ڇا؟
زندگي بڻجي بار، ادا!
رهندي جنهن جي سار نه لڌو،
تنهن لئه روئڻ زار، ادا!
جنهن کي جيئري تڙپايو،
تنهن لئه هي ستڪار، ادا!
جڳ ۾ جيئرو ماڻهو ماري،
پوءِ ڪن ٿا پچار، ادا!
هاڻي تنهنجي تنهائي آ،
او منهنجا "ستار"، ادا!
ورسيون آهن خوار، ادا!
مُئي تي گل رکڻ مان ڇا؟
زندگي بڻجي بار، ادا!
رهندي جنهن جي سار نه لڌو،
تنهن لئه روئڻ زار، ادا!
جنهن کي جيئري تڙپايو،
تنهن لئه هي ستڪار، ادا!
جڳ ۾ جيئرو ماڻهو ماري،
پوءِ ڪن ٿا پچار، ادا!
هاڻي تنهنجي تنهائي آ،
او منهنجا "ستار"، ادا!