عبدالستار پنهور
فعال رڪن
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو،
هاڻي وِلهه ۾ وِيجهي ٿو منهنجو.
تنهنجي سڪ ۾ ساهه هي آتو،
پيار تنهنجي جو رنگ آ راتو،
تنهنجي واٽ ۾ وِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
مُرڪ تنهنجي آ کير جهڙي،
ڳالهه تنهنجي آ هير جهڙي،
من پياسي وانگر پِيجي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
ياد تنهنجي آ لوريءَ وانگر،
تنهنجو چاهه آ ڏوريءَ وانگر،
ساهه سڪ ۾ سِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
تنهنجي گهٽيءَ جو چنڊ ٿيان مان،
تنهنجي من جو مَنڊ ٿيان مان،
تنهنجي سونهن ۾ ڀِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
نيڻن ۾ تنهنجي پيار جو سرمو،
دل کي ملي ويو جِيئڻ جو ورمو،
تنهنجي ياد ۾ کِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
محبت تنهنجي مَن جو مِيٺاج،
تنهنجو درشن ئي منهنجو معراج،
"ستار" سڪ ۾ سِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
هاڻي وِلهه ۾ وِيجهي ٿو منهنجو.
تنهنجي سڪ ۾ ساهه هي آتو،
پيار تنهنجي جو رنگ آ راتو،
تنهنجي واٽ ۾ وِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
مُرڪ تنهنجي آ کير جهڙي،
ڳالهه تنهنجي آ هير جهڙي،
من پياسي وانگر پِيجي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
ياد تنهنجي آ لوريءَ وانگر،
تنهنجو چاهه آ ڏوريءَ وانگر،
ساهه سڪ ۾ سِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
تنهنجي گهٽيءَ جو چنڊ ٿيان مان،
تنهنجي من جو مَنڊ ٿيان مان،
تنهنجي سونهن ۾ ڀِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
نيڻن ۾ تنهنجي پيار جو سرمو،
دل کي ملي ويو جِيئڻ جو ورمو،
تنهنجي ياد ۾ کِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.
محبت تنهنجي مَن جو مِيٺاج،
تنهنجو درشن ئي منهنجو معراج،
"ستار" سڪ ۾ سِيجهي ٿو منهنجو،
توسان روح ريجهي ٿو منهنجو.