مٽي سنڌ جي ساھ سنڌ جو

مٽي سنڌ جي، ساھ سنڌ جو
تنهنجي سونهن کان وڌ، مونکي مٽي سنڌ جي!
سِجَ لٿي جو سانجهيءَ ويلي،
اُڏرن پيا پکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
سُگڻيءَ وارو سينگارُ ڇاهي،
هِيءَ لُڪن جي لکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
ڪاڇي جا ڪُول، ٿر جا ٿوهر،
مارُن مَنَ رکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
کنڀات تنهنجي کٿوريءَ کان،
اِها لاڙ جي لکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
هزارين حورون، لکين پدمڻيون،
منهنجي اک ناهي ٻکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
چوي "ستار" ته سوين صفا،
محبوب منهنجي مکي،
مونکي مٽي سنڌ جي!
تنهنجي سونهن کان وڌ، مونکي مٽي سنڌ جي!
 
Back
Top