عبدالستار پنهور
فعال رڪن
نينهن مون سان هي لڳائي ڏس تون،
دل کي دل سان ها ملائي ڏس تون.
الفت جي نازڪ ڪچن تندن کي،
سڪ سان اي سڄڻ نڀائي ڏس تون.
تنهنجي پيرن تي هوندو سدائين سِر،
هڪڙو قدم اڳتي وڌائي ڏس تون.
دنيا جي هن هُل ۽ غوغا کي،
پنهنجي من تان سڀ مٽائي ڏس تون.
واريءَ تي لکيل اکرن وانگر،
مٽ نه ويندس، آزمائي ڏس تون.
خاموشيءَ جي گهرن ويرين ۾،
پنهنجو پاڻ وڃائي ڏس تون.
اي ستار! سڄي هن سنسار اڳيان،
سچ جو روپ سڳائي ڏس تون.
دل کي دل سان ها ملائي ڏس تون.
الفت جي نازڪ ڪچن تندن کي،
سڪ سان اي سڄڻ نڀائي ڏس تون.
تنهنجي پيرن تي هوندو سدائين سِر،
هڪڙو قدم اڳتي وڌائي ڏس تون.
دنيا جي هن هُل ۽ غوغا کي،
پنهنجي من تان سڀ مٽائي ڏس تون.
واريءَ تي لکيل اکرن وانگر،
مٽ نه ويندس، آزمائي ڏس تون.
خاموشيءَ جي گهرن ويرين ۾،
پنهنجو پاڻ وڃائي ڏس تون.
اي ستار! سڄي هن سنسار اڳيان،
سچ جو روپ سڳائي ڏس تون.