تنهنجو ڇهاءُ

تنهنجي هٿن جي تپش،
منهنجي بدن ۾ جڏهن لهندي آهي،
لڳندو آهي ته مٽي،
سون ۾ بدلي وئي آهي!
تنهنجو اهو ڇهڻ،
ڄڻ اڃايل ڌرتيءَ تي،
برسات جي پهرين بوند،
جيڪا من کي مدهوش ڪري ڇڏي.
تنهنجا هي ماڻا ۽ نخرا،
ڄڻ ٻرندڙ باھ تي تيل،
تون جڏهن ويجهو اچي،
منهنجي ساهن کي ٿي تڙپائين،
تڏهن لڳندو آهي،
ته زندگي توکان شروع ٿي تو تي ئي ختم آهي!
تنهنجي آڱرين جي اها شرارت،
منهنجي هوش کي باھ لڳائي وڃي ٿي،
تون ڄاڻي واڻي مون کي ڇهي،
پنهنجون اکيون جڏهن جهڪائيندي آهين،
ته قسم سان،
ڪائنات جو سڄو غُروُر تنهنجي پيرن ۾ ڪري پوندو آهي!
اچ ته اڄ ايترو ويجهو ٿيون،
جو اسان جي وچ ۾،
هيءَ هوا به لنگهي نه سگهي،
جو تنهنجي ڇهاءُ کان سواءِ،
منهنجو هي بدن، رڳو هڪ خالي گهر آهي.
منهنجي عشق جا سڀ گناھ،
تنهنجي زلفن جي ڇانوَ ۾ لڪي ويا،
اي محبوب! تون ائين نه ڇھ مون کي،
جو تنهنجي آڱرين جي تپش،
منهنجو سڀ ضبط ساڙي ڇڏي،
۽ دنيا کي خبر پئجي وڃي،
ته 'ستار' اڄ پنهنجو پاڻ تان،
پنهنجو ئي پردو هٽائي ويٺو آهي!
 
Back
Top