وار کولي وار

زلف کولي هوءَ جڏهن وار ڪري ٿي،
موت جو ڄڻ ته واپار ڪري ٿي.

ڪارن نانگن جا کڻي وڪڙ پون،
خوشبوءِ سان جڏهن سينگار ڪري ٿي.

تير نظر جا ته آهن پنهنجي جاءِ،
زلف کي به پنهنجو هٿيار ڪري ٿي.

بي خودي پئي روح ۾ رقص ڪري،
ناز مان جڏهن گفتار ڪري ٿي.

قيد ٿي وڃن ٿا سڀ هوش و حواس،
نيڻن سان جڏهن اقرار ڪري ٿي.

اي ’ستار‘ تڪ تان قربان تنهنجي،
جيڪا غريبن کي به گلزار ڪري ٿي.
 
Back
Top