عبدالستار پنهور
فعال رڪن
کڻي وڃ اکين مان هي، آليون تصويرون،
ڏنئي روح کي جيڪي، زنجيرون کڻي وڃ.
کسي سک سارو، غم ڏنئي تحفي ۾،
نصيبن جون لکيل، تقديرون کڻي وڃ.
جتي نالو هو تنهنجو، سا نگري ويران ٿي،
باک ڦٽيءَ جون ٻرندڙ، تنويرون کڻي وڃ.
يادن جي هن قيد ۾، ساھ ٿو هاڻي منجهي،
تنهنجي نالي جون لکيل، تحريرون کڻي وڃ.
جتي قدم هئا تنهنجا، اتي ڪنڊا آهن هاڻ،
يادن سان گڏ پنهنجون، سرد هيرون کڻي وڃ.
ستم تنهنجا سڀئي، "ستار" ٿو سهي هاڻ،
حصي ۾ جيڪي آيون، اهي تعزيرون کڻي وڃ.
ڏنئي روح کي جيڪي، زنجيرون کڻي وڃ.
کسي سک سارو، غم ڏنئي تحفي ۾،
نصيبن جون لکيل، تقديرون کڻي وڃ.
جتي نالو هو تنهنجو، سا نگري ويران ٿي،
باک ڦٽيءَ جون ٻرندڙ، تنويرون کڻي وڃ.
يادن جي هن قيد ۾، ساھ ٿو هاڻي منجهي،
تنهنجي نالي جون لکيل، تحريرون کڻي وڃ.
جتي قدم هئا تنهنجا، اتي ڪنڊا آهن هاڻ،
يادن سان گڏ پنهنجون، سرد هيرون کڻي وڃ.
ستم تنهنجا سڀئي، "ستار" ٿو سهي هاڻ،
حصي ۾ جيڪي آيون، اهي تعزيرون کڻي وڃ.