سا چري ڇوڪري

هوءَ چري ڪا ڇوڪري، آ ڇوڪري!
پنهنجي حال ۾ مٽ لڳي.

وار کولي واٽ تي ويٺي جڏهن،
ڄڻ ڪا جهڙالي گهٽا لڳي.
پيرين ناهن پازيب تنهن جي پر،
ڇم ڇمان جي ڪا لٽ لڳي.
پيار پٿرن سان ڪري ٿي پيار مان،
سا مٽيءَ جي ڪا مٽ لڳي.
لڙڪ اکڙين ۾ اٿس رتا رتا،
ڄڻ برسات پڄاڻان رت لڳي.
سڏڙن ۾ تنهن جي او "ستار" مٺڙا،
سڪ جي ڪا اونهي وٽ لڳي.
نام جي تنهنجي پڙهي ٿي تسبيح پئي،
عشق ۾ سا ته اڻمٽ لڳي.
 
Back
Top