عبدالستار پنهور
فعال رڪن
وائي
وسِي پيا اڄ مينهڙا،
پَسُ سونهن جا سنيها!
ٽِمي پئي اڄ ٽاري ٽاري،
ڀِڄن ٿا سڀ پٽ پيها،
پَسُ سونهن جا سنيها!
ڪڪرن جي هن ڪارونڀار ۾،
بجليءَ جا نوان ويهه،
پَسُ سونهن جا سنيها!
سارَ تنهنجي مَن ۾ وسندي،
بڻجي آيا بادل ميهہ،
پَسُ سونهن جا سنيها!
تنهنجي سڪ ۾ اڄ ستار،
ڳولي ٿو اِهي ڏيها،
پَسُ سونهن جا سنيها!
وسِي پيا اڄ مينهڙا،
پَسُ سونهن جا سنيها!
ٽِمي پئي اڄ ٽاري ٽاري،
ڀِڄن ٿا سڀ پٽ پيها،
پَسُ سونهن جا سنيها!
ڪڪرن جي هن ڪارونڀار ۾،
بجليءَ جا نوان ويهه،
پَسُ سونهن جا سنيها!
سارَ تنهنجي مَن ۾ وسندي،
بڻجي آيا بادل ميهہ،
پَسُ سونهن جا سنيها!
تنهنجي سڪ ۾ اڄ ستار،
ڳولي ٿو اِهي ڏيها،
پَسُ سونهن جا سنيها!