عبدالستار پنهور
فعال رڪن
آيو رحمتن جو کڻي هي وسڪارو،
مومن جي لاءِ آهي، ربّ جو سهارو.
مٺي مرسل جي سُنت، رکڻ آهي روزو،
روزي سان چمڪي ٿو، ايمان پيارو.
ملي ٿي هن مھيني ۾، شبِ قدر عالي،
جنهن ۾ ٿئي ٿو، ربّ جو تجلو نيڪارو.
نازل ٿيو قرآن، جنهن ۾ هدايت،
ان نور سان روشن، ٿيو جڳ سارو.
سحري ۽ افطاريءَ ۾ برڪت آ بي حد،
هر گهر ۾ ٿئي ٿو، ذڪر جو نظارو.
نفس کي مارڻ ۽ تقويٰ کي پائڻ،
روزو آ نيڪيءَ جو، رستو سچارو.
شفاعت جي موليٰ، ڪريو نظرِ ڪرم،
"ستار" آهي تنهنجي، در جو ٻهاريو.
مومن جي لاءِ آهي، ربّ جو سهارو.
مٺي مرسل جي سُنت، رکڻ آهي روزو،
روزي سان چمڪي ٿو، ايمان پيارو.
ملي ٿي هن مھيني ۾، شبِ قدر عالي،
جنهن ۾ ٿئي ٿو، ربّ جو تجلو نيڪارو.
نازل ٿيو قرآن، جنهن ۾ هدايت،
ان نور سان روشن، ٿيو جڳ سارو.
سحري ۽ افطاريءَ ۾ برڪت آ بي حد،
هر گهر ۾ ٿئي ٿو، ذڪر جو نظارو.
نفس کي مارڻ ۽ تقويٰ کي پائڻ،
روزو آ نيڪيءَ جو، رستو سچارو.
شفاعت جي موليٰ، ڪريو نظرِ ڪرم،
"ستار" آهي تنهنجي، در جو ٻهاريو.