نور

اونداهي ويندي، نُور ٿيندو


دل جو اڱڻ مَسرور ٿيندو


صبر جي ٻج مان، گُل ٽڙندا


هي باغ پڻ مَعمور ٿيندو


گذري اها پڻ رات ويندي


سچ جو وري ظهور ٿيندو


همت نه هار، اي منهنجا جاني!


هر هڪ درد، دُور ٿيندو


"ستار" اميد، قائم رک تون


خواب اسان جو، پُور ٿيندو
 
Back
Top