مان رک

گل کڻين ته ڪنڊڙن جو مان رک،

عشق ۾ سڀ تڪليفن جو مان رک.

شدتِ الفت رڳو تڙپڻ ناهي،

سونهن ۽ تنهن پردن جو مان رک.

جي ملي عزت ته الفت آ امر،

يار جي سڀ سجدن جو مان رک.

کيڏ نه جذبن سان رڳو رانديڪو،

دل جي سڏ ۽ لفظن جو مان رک.

جي وفا جي واٽ ۾ نڪتو آهين،

پوءِ پيرن جي آبلن جو مان رک.

اي ستار! عشق آ نالو ادب جو،

درد ۾ پڻ مرڪن جو مان رک.
 
Back
Top