عبدالستار پنهور
فعال رڪن
تنهنجي نيڻن ۾ لکيل آ، محبت جو ڪتاب،
تنهنجو چهرن آ ڄڻ ته، کڙيل ڪو گلاب.
تنهنجي زلفن جي خوشبو، لڳي ٿي ڪا بهار،
تنهنجي مرڪ آ سچ ته، هر درد جو جواب.
نه مئي جي طلب آ، نه محفل جو هوش،
تنهنجي چاهت جو لڳل آ، عجب هي شراب.
اچ ته گم ٿي وڃون، خوابن جي جهان ۾،
جتي مان هجان، تون هجين ۽ هجي مهتاب.
رهي ٿو "ستار"، تنهنجي ئي يادن ۾ مَست،
تنهنجو عشق ئي آ، زندگيءَ جو لاهوتي باب.
تنهنجو چهرن آ ڄڻ ته، کڙيل ڪو گلاب.
تنهنجي زلفن جي خوشبو، لڳي ٿي ڪا بهار،
تنهنجي مرڪ آ سچ ته، هر درد جو جواب.
نه مئي جي طلب آ، نه محفل جو هوش،
تنهنجي چاهت جو لڳل آ، عجب هي شراب.
اچ ته گم ٿي وڃون، خوابن جي جهان ۾،
جتي مان هجان، تون هجين ۽ هجي مهتاب.
رهي ٿو "ستار"، تنهنجي ئي يادن ۾ مَست،
تنهنجو عشق ئي آ، زندگيءَ جو لاهوتي باب.