عبدالستار پنهور
فعال رڪن
هن جو ويجهو اچڻ، مرڪي ملڻ،
ڄڻ ته صحرا ۾ ڪنهن گل جو کِلڻ.
ساري محفل ۾ عجب منظر هيو،
هن جي چپن تان پئي گلڙا کِرڻ.
دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي آ وري،
هن جو آهستي قدم اڳتي کڻڻ.
نيڻ جهڪيا ته حيا جو معجزو،
نظريون مليون ته روح جو هو ريجهڻ.
زندگي جي هر مصيبت جو علاج،
صرف پيار سان تنهن جو ملڻ.
درد جي سڀني دوائن جو نعم البدل،
آ 'ستار' تنهنجو سڄڻ سان ملڻ.
ڄڻ ته صحرا ۾ ڪنهن گل جو کِلڻ.
ساري محفل ۾ عجب منظر هيو،
هن جي چپن تان پئي گلڙا کِرڻ.
دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي آ وري،
هن جو آهستي قدم اڳتي کڻڻ.
نيڻ جهڪيا ته حيا جو معجزو،
نظريون مليون ته روح جو هو ريجهڻ.
زندگي جي هر مصيبت جو علاج،
صرف پيار سان تنهن جو ملڻ.
درد جي سڀني دوائن جو نعم البدل،
آ 'ستار' تنهنجو سڄڻ سان ملڻ.