ضميرن جو واپار

سياست کي بڻايو اٿن هاڻ آزار،
عقيدت جو لڳايو اٿن اڄ ته بازار.

حيا غيرت ۽ شرم وڪيا اٿن اڄ ته،
محبت کي بڻايو اٿن رڳو تڪرار.

انڌن جي شهر ۾ انصاف جا آهن مڪان،
عدالت کي بڻايو اٿن صفا لاچار.

ضميرن جا سودا ڪندڙ هي لٽيرا،
شرافت کي بڻايو اٿن اڄ ته واپار.

صلو پورهئي جو جن کي گهرڻو هيو هو،
مزدور کي بڻايو اٿن پنهنجو تابعدار.

سٽار اهڙا ماڻهو ته مٽيءَ تي آهن بار،
جي ڌرتيءَ جي ملهه جا بڻيا آهن غدار.
 
Back
Top