1) ترتيب وار فولڊر سسٽم ٺاهيو
سٺي فولڊر ترتيب فائل مينيجمينٽ جي بنياد آهي... وڏيون ڪيٽيگريون ٺاهيو جيئن Work.. Personal.. Media... پوءِ انهن اندر سب فولڊر ٺاهيو جيئن Freelance.. Project وغيره... ساڳي نموني فائلن جا نالا رکڻ سان ڳولا آسان ٿي ويندي...
2) اهم فولڊرن کي Quick Access ۾ Pin ڪريو
گهڻو استعمال ٿيندڙ فولڊرن کي Quick Access ۾ شامل ڪريو ته جيئن هڪ ڪلڪ سان کولجن... غير ضروري فولڊر وقت بوقت هٽائيندا رهو ته گند نه وڌي...
3) Default Save Location تبديل ڪريو
ونڊوز عام طور سڀ فائلون هڪ ئي ڊرائيو ۾ محفوظ ڪري ٿو... اهو سسٽم کي سست ۽ افراتفري وارو بڻائي ٿو... بهتر آهي نيون فائلون ٻي ڊرائيو ۾ محفوظ ڪرڻ جي سيٽنگ ڪريو...
4) Downloads فولڊر منظم رکو
ڊائونلوڊ ٿيل فائلون فوري طور سندن صحيح فولڊر ۾ منتقل ڪريو... گهڻيون فائلون ڊائونلوڊ ڪرڻ وقت برائوزر ۾ ڊائونلوڊ لوڪيشن عارضي طور تبديل ڪريو...
5) فولڊر نالن سان Emoji يا نشانيون استعمال ڪريو
فولڊرن جي نالن سان ايموجي يا نشان لڳائڻ سان انهن کي جلدي سڃاڻڻ آسان ٿيندو... مثال طور
6) Preview Pane استعمال ڪريو
Preview Pane فعال ڪرڻ سان فائل کولڻ کانسواءِ ان جو مواد ڏسي سگهجي ٿو... جنهن سان فائل جلدي ملي ٿي...
7) ڳولها (Search) محفوظ ڪريو
جيڪڏهن بار بار ساڳي ڳولا ڪندا آهيو ته ان کي Quick Access ۾ محفوظ ڪريو ته وقت بچي...
