طبقاتي نظام جي ور چڙهيل عوام

طبقاتي نظام جي ور چڙهيل عوام.

ناشاد شوڪت شنباڻي

طبقاتي نظام Class System معاشري جي اهڙي ورڇ جتي ماڻهن کي انهن جي دولت، ملڪيت، پيشي، ۽ سياسي طاقت جي بنياد تي مختلف گروپن ۾ ورهايو وڃي. هن نظام ۾ وسيلن جي ورڇ برابر نه هوندي آهي، جنهن ڪري سماج ۾ "طاقتور" ۽ "ڪمزور" جا طبقا وجود ۾ اچن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ هن مهل طبقاتي نظام طاقتور نموني موجود آهي، جتي طاقتور لاءِ الڳ منصوبه بندي موجود آهي، اها سياسي هجي يا سماجي، طاقتور کي غريب کان وڌيڪ برتر ۽ اهميت وارو سمجهيو وڃي ٿو. توڙي جو خدا جي پاڪ ڪلام ۾ طبقاتي نظام کي ناپسند ڪيو ويو آهي. پر تنهن باوجود به طبقاتي نظام جيئن جو تيئن قائم آهي. هيٺ ٽي طبقاتي نظام جا مثال موجود آهن، جيڪي طبقاتي نظام بابت آهن، جن سان نه صرف انسان ذات ۾ فرق ڪيو ويو آهي، پر ذهني طور به انهن جي اهميت کي گهٽ وڌ ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
قانوني طبقاتي ورڇ:
هي هڪ اهڙو نظام آهي، جتي قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ جي باوجود، ان جو اطلاق انسان جي سماجي ۽ معاشي رتبي کي ڏسي ڪيو وڃي. ان جا ٻه مکيه حصا هي آهن:
مٿيون طبقو: "قانون کان مٿانهون"
هن طبقي ۾ اهي ماڻهو اچن ٿا جن وٽ سياسي طاقت، وڏا عهدا، يا بي پناهه دولت آهي.
هيٺيون طبقو: "قانون جي پڪڙ ۾"
هن ۾ عام شهري، پورهيت، ۽ موٽرسائيڪل سوار اچن ٿا.
ٻنهي ۾ فرق: جيڪڏهن ڪو بااثر يا وس وارو قانون ٽوڙي ٿو يا ان جي ڪنهن به گهر جو فرد قانون کي هٿ ۾ کڻي ٿو ته ادارا ان کي غلطي يا اتفاق قرار ڏئي نظرانداز ڪن ٿا.
عام ماڻهو جيڪڏهن موٽرسائيڪل جا ڪاغذ گهر وساري اچي، ته کيس نه صرف چالان ڪيو ويندو آهي پر اڪثر ذليل به ڪيو ويندو آهي. هتي قانوني طبقاتي ورڇ ٿي وڃي ٿي، جتي ٻن انسانن کي الڳ الڳ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
نقصان: عام ماڻهوءَ جو قانون تان يقين اعتماد کڄي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري، قانوني ڀڃ ڪڙي جو نظام جڙي ٿو. جنهن جي ڪري سماجي توڙي ملڪي مسئلن ۾ واڌارو اچي ٿو.
تعليمي طبقاتي ورڇ:
وڏن وڏن ملڪن جي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ هي اهو طبقو آهي جيڪو امير، وزير ۽ طاقتورن وٽ موجود آهي، جن کي شروع کان وٺي هيٺين طبقي تي حڪمراني ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو.
پنجي درجي تائين پڙهڻ:
هي اهو طبقو آهي، جن جا ٻار ٽٽل ڦٽل اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، جن کي شروع کان وٺي هارپو، ڪڙمني، مزدور بڻائڻ سيکاريو وڃي ٿو.
ٻنهي ۾ فرق: امير ٻار کي والدين طرفان طبقاتي نظام سيکاريو ويندو آهي ته، جيئن هو غريب امير ۾ فرق سکي. انهن جو عملي رويو "قيادت" وارو بڻايو ويندو آهي. هو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پهريان ئي پاڻ کي ملڪ جو سياسي يا معاشي مستقبل سمجھڻ لڳندا آهن ۽ انهن جو اعتماد آسمان سان ڳالهائيندو آهي.
هاري جي پٽ کي هاري ئي بڻجڻو آهي، ان جي چوڌاري اهڙو نظام جوڙيو ويندو آهي، جنهن کان هو ٻاهر ناهي نڪري سگهندو. نتيجي طور، نوجوان باصلاحيت هئڻ باوجود سڄي زندگي هڪ ملازمياڻي سوچ کان ٻاهر ناهي نڪري سگهندو ۽ مٿانهين طبقي جو ٻار سندس مٿان جسماني توڙي ذهني طور حڪمراني ڪري ٿو.
نقصان،
جهالت جي شرع ۾ واڌ ۽ خودڪشين ڏي رجحان وڌي وڃي ٿو. روزگار جا ذريعا ختم ٿي وڃڻ ڪري، چوري، ڦر ڌاڙن سميت ڪيترائي مسئلا جنم وٺن ٿا.
وسيلائي طبقاتي ورڇ:
وسيلن جا مالڪ هن نظام ۾ اهو بااثر ماڻهو، وڏيرو ۽ امير طبقو اچي وڃي ٿو جن جو رياستي وسيلن ۽ فيصلن تي قبضو آهي. هن طبقي لاءِ وسيلا ۽ نوڪري ڪنهن مسئلي جهڙي ڳالهه ناهن. جن وٽ پئسو ۽ سفارش ايتري قدر آهي جو هو پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ به وڏا عهدا اڳواٽ ئي محفوظ ڪري ڇڏين ٿا.
عمل: هي طبقو وسيلن کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا ۽ پنهنجي هڪ فون ڪال تي غريب جو حق ماري پنهنجي ماڻهوءَ کي وڏي نوڪري ڏياري سگهن ٿا. انهن لاءِ ملڪ جا وسيلا هڪ ذاتي ملڪيت جيان آهن.
وسيلن کان محروم:
هن ۾ اُهي عام ماڻهو ۽ پڙهيل لکيل نوجوان اچن ٿا، جيڪي وسيلن جي مالڪي ته پري، پر هڪ ننڍي نوڪريءَ لاءِ به شفارس نه هجڻ ڪري بي روزگاري ۾ گذارين ٿا
عمل: هن طبقي جو نوجوان در در تي ڌڪا کائڻ کانپوءِ ذهني دٻاءُ ۽ نظام خلاف نفرت جو شڪار ٿئي ٿو. سندس سڄو عمل رڳو پنهنجي حق لاءِ "فرياد" ڪرڻ يا "احتجاج" ڪرڻ تائين محدود رهجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پئسي بنا کيس نوڪري ملڻ ناممڪن بڻائي وئي آهي.
نقصان: ڪاوڙ، گهريلو اڻتبت ۾ ڪيل غلط فيصلا، ٻارڙن کي تعليم کان پري رکڻ، ۽ ذهني دٻاءُ ۾ وڌارو اچي ٿو. پڙهيل لکيل ۽ تجربي ڪال ماڻهن جو اڳتي نه اچڻ جنهن جي ڪري ملڪ ۾ هن مهل تائين ڪا به عالمي ليول جهڙي ايجاد ناهي ٿي سگهي.
دنيا جي ليڊر نيلسن منڊيلا انساني برابريءَ بابت لکي ٿو ته ”غربت ڪو اتفاق ناهي، پر هي انسان جو پيدا ڪيل آهي ۽ ان کي انسانن جي عملن ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.“ اسان جو سماج، اسان جو ملڪ تيستائين طبقاتي نظام مان نڪري نه سگهندو، جيستائين جاگيردار ڀوتار ۽ وڏيرڪي سوچ رکندڙ ۽ انساني اهميتن جي ورڇ ڪندڙن جو صاف شفاف احتساب نه ٿو ٿئي.
 
Back
Top