عبدالستار پنهور
فعال رڪن
اهو دور هو...
جڏهن نظريا هئا، جڏهن نعرا هئا،
جڏهن پليجي جي تقريرن تي،
سيني ۾ باھ ڀڙڪندي هئي!
۽ سيد جي ”پيغام“ تي،
ساھ جي بازي لڳندي هئي!
هو پيپلز پارٽيءَ جا مستانا جيالا،
۽ قومپرستن جا رتول ريالا،
هڪ ٻئي جي آڏو،
سياسي پهاڙ بڻجي بيهندا هئا!
پروپيگنڊا هئي، بحث هئا، تڪرار هئا،
پر... سڀني جي نيڻن ۾،
سونهري سنڌ جا خواب هئا!
اڄ ڪٿي آهن،
اهي ”هانءُ نه هارين ڪوهيارل“ جا پڙاڏا؟
ڪٿي آهن اهي هوڪا،
ته ”هي هيڏا وڏا ڪوٽ، ڊهي ئي پوندا“؟
هاڻي ته ايوانن ۾ مصلحتون آهن،
۽ رستن تي رڳو ”خاموش ماتم“!
اي انقلاب جا گهوٽ!
اسان جي قلمن کي،
وري وڙهڻ جي سگھ ڏي،
اسان جي لفظن کي،
وري وري اها لالي ڏي،
جيئن وري ڪنهن ڀٽ تي،
ڪو جاکوڙي نظم لکجي،
جيئن وري هن مٽيءَ مان،
انقلاب جي خوشبو اچي!
تحرير: ستار
جڏهن نظريا هئا، جڏهن نعرا هئا،
جڏهن پليجي جي تقريرن تي،
سيني ۾ باھ ڀڙڪندي هئي!
۽ سيد جي ”پيغام“ تي،
ساھ جي بازي لڳندي هئي!
هو پيپلز پارٽيءَ جا مستانا جيالا،
۽ قومپرستن جا رتول ريالا،
هڪ ٻئي جي آڏو،
سياسي پهاڙ بڻجي بيهندا هئا!
پروپيگنڊا هئي، بحث هئا، تڪرار هئا،
پر... سڀني جي نيڻن ۾،
سونهري سنڌ جا خواب هئا!
اڄ ڪٿي آهن،
اهي ”هانءُ نه هارين ڪوهيارل“ جا پڙاڏا؟
ڪٿي آهن اهي هوڪا،
ته ”هي هيڏا وڏا ڪوٽ، ڊهي ئي پوندا“؟
هاڻي ته ايوانن ۾ مصلحتون آهن،
۽ رستن تي رڳو ”خاموش ماتم“!
اي انقلاب جا گهوٽ!
اسان جي قلمن کي،
وري وڙهڻ جي سگھ ڏي،
اسان جي لفظن کي،
وري وري اها لالي ڏي،
جيئن وري ڪنهن ڀٽ تي،
ڪو جاکوڙي نظم لکجي،
جيئن وري هن مٽيءَ مان،
انقلاب جي خوشبو اچي!