فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڪتاب "پيغامِ لطيف" جو سرسري جائزو...!
فقير محمد سنڌي
جي. ايم. سيد جديد سنڌي فڪر جو اهو مفڪر آهي جنهن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي صرف صوفي شاعر نہ پر سنڌي قوم جو فڪري معمار قرار ڏنو. سيد صاحب جي خيال موجب شاھ لطيف جو ڪلام سنڌ جي ڌرتي، تاريخ، ٻولي ۽ قومي وجود سان ڳنڍيل هڪ اهڙو فڪري دستاويز آهي، جيڪو غلامي، جبر ۽ بي شعوريءَ خلاف بغاوت جو استعارو آهي. هن واضح ڪيو تہ “رسالو” محض روحانيت جو ڪتاب نہ پر سنڌي قوم جي خدمت ، سڃاڻپ ۽ شعور جو منشور آهي. جي. ايم. سيد لطيف جي سُرن ۾ موجود مارئي، سسئي، سورمين ۽ سامين جي ڪردارن کي قومي جدوجهد، مزاحمت ۽ قربانيءَ جي علامتي ڪردار سمجهي ٿو سندس خيال ۾ لطيف جو پيغام وحدت الوجود کان اڳتي وڌي قوميت، جمهوريت ۽ انساني آزاديءَ جو درس ڏئي ٿو. سيد صاحب اهو بہ لکي ٿو تہ شاهه لطيف سنڌي قوم کي “محبت، اتحاد ۽ خود اعتمادي” سان جيئڻ سيکاري ٿو. انهيءَ ڪري، پيغامِ لطيف کي سمجهڻ بنا سنڌ جي فڪري ۽ قومي تاريخ کي سمجهڻ ناممڪن آهي.
شاھ عبداللطيف جي زندگيءَ جو مختصر احوال
شاھ عبداللطيف سنڌ جي هڪ مشهور صوفي، قومي شاعر ۽ درويش هئا جن جي شخصيت ۽ ڪلام سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي ورثي ۾ اهم مقام رکي ٿو. جيتوڻيڪ شاھ لطيف جي زندگيءَ جو مڪمل احوال اڃا لکيو نہ ويو آهي ڪيترن ئي مؤرخن ۽ شاعرن جهڙوڪ مير عبدالحسين خان ٽالپر، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هن تي تحقيق ڪئي آهي.
شاھ لطيف جو تعلق مٽياري جي سيدن سان هو جيڪي پنهنجي شجره مطابق امام موسى ڪاظم سان واسطو رکن ٿا سندن خاندان هالن مان مٽياري لڏي آيو ۽ پنهنجي ثقافت، تعليم ۽ تصوف جي روايتن کي برقرار رکيو.
شاھ لطيف جو زمانو ۽ ماحول:
شاھ لطيف ٻارهين صدي هجريءَ جي اول ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيو ان وقت سنڌ اندر سمن خاندان جي حڪومت هئي جنهن جي آخري حڪمران ڄام نظام الدين (عرف ڄام نندو) هئا جيڪي هڪ عالم، عادل ۽ پرهيزگار شخص هو. سنڌ جي شهرن جهڙوڪ ٺٽي، سيوهڻ، مٽياري، روهڙي ۽ بکر ۾ علم، هنر ۽ تمدن جو مرڪز قائم هو ۽ سنڌ پنهنجي خودمختياري قائم ڪري چڪي هئي.
دهليءَ تي لوڌي ۽ پوءِ مغل سلطنت جو اثر سنڌ تي وڌيو پر شاھ لطيف جي زماني ۾ سنڌ اندر پنهنجي قومي ۽ سياسي خودمختياري برقرار هئي. برصغير جي مذهبي ۽ سياسي خيالن جو اثر سنڌي سماج تي ٿيو جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي نظرين وارا ماڻهو سرگرم هئا.
شاھ لطيف جو نقطہ نگاھ ۽ مذهبي رايا:
شاھ لطيف وحدت الوجود جو قائل هو ۽ دنيا جي سڀني مذهبن جي بنيادي وحدت تي يقين رکندو هو. انساني، مذهبي ورهاستون، مصنوعي ۽ ظاهري آهن. اصل مسلمان ۽ هندو صرف ظاهر ۾ نہ پر پنهنجي دل ۽ عمل ۾ آهن.
مذهبي اختلاف ۽ فرقي پرستي جي مخالفت محبت، انساني ڀلائي ۽ اخلاق جي ترقي کي مذهب جواصل مقصد سمجهڻ گهرجي.
انسانن کي ذاتي يا طبقاتي مفاد لاءِ مذهبي فرق استعمال ڪرڻ خلاف پنهنجي بيتن وسيلي درس کي عام رسايو جيئن طبقاتي ايڪو برقرار رهي.
بيتن ۾ هو چوي ٿو:
“ڪٺيس ڪويجھن، تن طبيب نہ گڏيا، ڏيئي ڏيل ڏکوئيو”
هن مان ظاهر آهي تہ شاھ لطيف جي نظر ۾ مذهب انسانيت ۽ اتحاد جو وسيلو آهي، نہ ڌار ڪرڻ جو اوزار.شاھ لطيف جي قومي نظريي ۽ جمهوريت
شاھ صاحب سنڌ جي جداگانہ قومي شعور جو قائل هو. هو قوميت کي زمين، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍي ڏٺو.قوم جي ترقي ۽ اتحاد لاءِ تعليم، شعور ۽ اتحاد کي اهميت ڏني.
ناانصافي، ڌار ڌار رهڻ ۽ ذاتي مفاد جي مخالفت
جمهوريت ۽ عوامي اتحاد جي حمايت، ستايلن ۽ مسڪينن جي حقن جي پاسداري
مارئي ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ شاھ لطيف جو پيغام محبت وطن ۽ سماجي انصاف جو آئينو آهي.
شاھ لطيف جي ڪلام جون خصوصيتون:
شاھ لطيف جو ڪلام منفرد آهي ۽ ان جون خاص خصوصيتون هيٺين نموني پرکي سگهجن ٿيون.
قومي جذبو ۽ وطن پرستي، سنڌ جي تاريخ، ماڻهن ۽ ثقافت سان محبت، ٻولي ۽ ثقافت. صاف ۽ مستند سنڌي ٻولي، مقامي روايتن جو عڪس.
ادبي جدت عورت عاشق، مرد معشوق جو فلسفو، هندي شاعريءَ جي رويي جو استعمال اخلاقي ۽ روحاني سبق ڪلام ۾ دائمي مقصد، انساني تربيت ۽ قربانيءَ جو پيغام قصا ۽ ڪهاڻيون هر بيت ۽ قصو الڳ معنيٰ، نصيحتن کان آزاد، زندگي جي حقيقت ڏيکارڻ لاءِ موسيقي ۽ سُر ڪلياڻ موسيقي ۽ روحانيت سان جڙيل جذباتي اثر موجود آهن.
جي. ايم. سيد شاھ لطيف جي وحدت الوجود واري فڪر کي بہ سياسي ۽ سماجي معنيٰ ڏئي ٿو.
لطيف جو بيت:
“ايڪ قصر در لک، ڪوڙين منجهس ڳڙکيون”
سيد صاحب وٽ رڳو روحاني وحدت جو بيان نہ پر انساني برابري ۽ مذهبي رواداريءَ جو فلسفو آهي. سيد صاحب دليل ڏئي ٿو تہ لطيف، مذهب کي جدائيءَ جو ذريعو نہ پر ميلاپ جو رستو بڻائي ٿو. جيئن هو چوي ٿو:
“اکيون اهي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي”
يعني سچي بصيرت اها آهي جيڪا انسان کي انسان سان ڳنڍي.
شاھ لطيف جو ڪلام پوري قوم لاءِ سبق، اتحاد ۽ اخلاقي تربيت جو وسيلو آهي جيڪو صرف ادبي خوشي يا تفريح لاءِ ناهي پر سماجي ۽ روحاني شعور جا دروازا کولڻ برابر آهي.
شاھ لطيف جو فڪر ۽ ڪلام گڏيل طور تي هيٺين اصولن تي مبني آهي جيئن وحدت مذاهب انسانيت جي بنيادي وحدت ۽ مذهبي فرقي پرستي جي مخالفت سنڌي قوميت، وطن، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت، عوامي اتحاد ۽ جمهوريت ستايلن ۽ مسڪينن لاءِ انصاف، سماجي هم آھنگي اخلاقي ۽ روحاني تربيت جا قصا، آکاڻيون ۽ شاعري وسيلي انسان کي فڪر ۽ معرفت ڏيارڻ اهو ئي پيغام عملي ڪلام، قوميت، مذهبي وحدت ۽ انسانيت جو پيغام هڪ ئي فريم ۾شاھ لطيف جو ڪلام اڄ بہ سنڌي قوم، زبان ۽ ثقافت لاءِ علم، محبت ۽ اتحاد جو وسيع پيغام آهي، جيڪو سماج جي هر دور لاءِ لاڳيتو سبق ۽ روشني جو ذريعو آهي.