21 فيبروري: مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن. پڙهندي ماءُ، بچندي سنڌي ٻولي....!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
21 فيبروري: مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن.
پڙهندي ماءُ، بچندي سنڌي ٻولي....!
فقير محمد سنڌي
سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو سڀ کان مضبوط بنياد "پڙهندي ماءُبچندي سنڌي ٻولي" . جڏهن ماءُ پڙهيل هوندي آهي تہ هوءَ پنهنجي ٻار سان شعوري طور مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهندي، لوڪ ڪهاڻيون ٻڌائي سگهندي ، لوليون ڏئي ۽ ڪتابن سان روشناس ڪرائي سگهندي . ماءُ ٻار جي پهرين درسگاھ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اها درسگاھ پنهنجي ٻوليءَ سان جڙيل هوندي تہ ٻار جي سوچ، اظهار ۽ سڃاڻپ بہ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهندي. پڙهيل ماءُ ٻار کي اسڪول کان اڳ ئي لفظن، محاورن ۽ ثقافتي حوالن سان مالا مال ڪري ٿي. اهڙي تربيت ٻار کي نہ رڳو علمي طور مضبوط بڻائي ٿي پر نفسياتي اعتماد بہ ڏئي ٿي. جڏهن گهر ۾ مادري ٻولي عزت سان ڳالهائي وڃي ٿي تہ ٻار ۾ بہ ان جي اهميت وڌي ٿي. مادري ٻوليءَ ۾ سکيا ٻار جي ذهني واڌ ويجھ لاءِ سڀ کان مؤثر ذريعو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ چاهيون ٿا تہ ماءُ جي تعليم، شعور ۽ ٻوليءَ سان وابستگي کي اوليت ڏيڻي پوندي. پڙهندي ماءُ بچندي سنڌي ٻولي اصل ۾ ماءُ ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي محافظ آهي.
هر سال 21 فيبروري تي دنيا مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي. هي ڏينهن اصل ۾ 1952ع ۾ ڍاڪا ۾ ٻوليءَ جي حق لاءِ جان ڏيندڙ شاگردن جي ياد ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ 1999ع ۾ UNESCO هن ڏينهن کي عالمي سطح تي مڃتا ڏني. ان جو مقصد اهو آهي تہ دنيا جي مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ سڃاڻپ کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ماڻهن کي ياد ڏياريو وڃي تہ ٻولي صرف رابطي جو وسيلو نہ پر قومن جي بقا جو بنياد آهي.
ٻولي ڪنهن بہ سماج جي فڪري ۽ ثقافتي زندگيءَ جو مرڪز آهي. اها تاريخ، ادب، سائنس، فلسفي ۽ لوڪ دانش جو ذريعو آهي. جڏهن هڪ ٻولي زنده رهي ٿي تہ ان سان گڏ ان قوم جي تاريخي يادگيريون، روايتون ۽ سماجي قدر بہ زنده رهن ٿا. ٻولي انسان جي شعور جي جوڙجڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي ماڻهو دنيا کي پنهنجي ٻوليءَ جي عينڪ سان ڏسي ۽ سمجهي ٿو.
يونيسيف جي رپورٽن موجب اڄ دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7100 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر انهن مان تقريباً اڌ ٻوليون خطري ۾ آهن. ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن موجوده رفتار جاري رهي تہ ايندڙ صديءَ اندر ڪيترين ئي ٻولين جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي ٿو. اهو صرف لفظن جو نقصان نہ هوندو پر انساني علم ۽ ثقافت جو بہ وڏو نقصان هوندو.
قوم صرف جاگرافيائي سرحدن سان نہ ٿي ٺهي قوم جي اصل سڃاڻپ ان جي ٻولي، ثقافت ۽ گڏيل يادگيرين سان جڙيل هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي تہ جن قومن پنهنجي ٻوليءَ کي بچايو، سي پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيون. ٻولي ماڻهن کي گڏيل احساس، فڪر ۽ گڏيل مقصد سان جوڙي ٿي.
ٻوليءَ جي ذريعي ئي لوڪ ادب، شاعري، رزميہ داستان، مذهبي متن ۽ سائنسي تحقيق هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿين ٿا. جيڪڏهن ٻولي ڪمزور ٿي وڃي ٿي تہ قوم جي اندروني يڪجهتي بہ متاثر ٿئي ٿي. ان ڪري ٻوليءَ جو تحفظ دراصل قومي سلامتي جو سوال آهي.
ثقافتي تحفظ مادري ٻوليءَ ۾ ئي لوڪ ورثو محفوظ هوندو آهي.
تعليمي بهتري تحقيق مان ثابت ٿيو آهي تہ ٻارن کي ابتدائي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ سان سکيا جا نتيجا بهتر ٿين ٿا.
نفسياتي اعتماد پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار ڪرڻ سان ٻار ۽ نوجوان ذهني طور وڌيڪ پراعتماد ٿين ٿا.
سماجي شموليت جڏهن رياست پنهنجي ماڻهن جي ٻولين کي تسليم ڪري ٿي تہ سماجي انصاف ۽ برابري جو احساس وڌي ٿو.
سنڌي ٻولي قديم طور تي پاڻ ۾ قدامت رکي ٿي ان جو ادبي ورثو صديون پراڻو آهي. صوفي شاعري، لوڪ ادب، داستان ۽ جديد ادب سنڌي ٻوليءَ کي فڪري لحاظ کان مالا مال بڻائي رکيو آهي . اڄ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا. جڏهن تہ سنڌي کي صوبائي سطح تي سرڪاري حيثيت حاصل آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ جڏهن سنڌي ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ ٻوليءَ جو ادبي ۽ تاريخي سرمايو مضبوط آهي تہ پوءِ ان کي قومي سطح تي وڌيڪ وسعت ڇو نٿي ملي؟ اهو سوال رياستي پاليسين، تعليمي ترجيحن ۽ سياسي ارادن سان ڳنڍيل آهي.
سنڌي ٻولي کي قومي سطح تي وڌيڪ مڃتا ملڻ سان، تعليمي ادارن ۾ مادري ٻوليءَ جي بنياد تي پاليسيون مضبوط ٿيئڻ گهرجن.
سرڪاري ڪاروائين ۾ عوام جي شموليت وڌندي،
ثقافتي اعتماد ۽ قومي يڪجهتي ۾ واڌارو ٿيندو.
ٻوليءَ جي عزت صرف قانوني درجي سان نہ پر عملي استعمال سان وڌندي آهي. جيڪڏهن عدالتن، يونيورسٽين، ميڊيا ۽ سائنسي تحقيق ۾ سنڌيءَ جو استعمال وڌايو وڃي تہ ٻولي پاڻمرادو مضبوط ٿيندي.
21 فيبروري جو پيغام اهو آهي تہ هر قوم پنهنجي مادري ٻوليءَ کي عزت ڏئي. يونيسيف بار بار زور ڀريو آهي تہ لسانيات انسانيت جو گڏيل ورثو آهي جنهن کي بچائڻ عالمي ذميواري آهي.
گهر ۾ ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائجي، اسڪولن ۾ معياري سنڌي نصاب تيار ڪجي.
جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي، ڊجيٽل ميڊيا تي سنڌي مواد وڌائجي.
21 فيبروري صرف هڪ يادگيري جو ڏينهن ناهي اهو عزم جو ڏينهن آهي. ٻولي قوم جي روح آهي. روح کان سواءِ جسم بي جان هوندو آهي جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ۽ باوقار ڏسڻ چاهيون ٿا تہ گهر کان وٺي ملڪ تائين گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي.
پڙهندي ماءُ کان وٺي باشعور ملڪ تائين جڏهن سڀئي گڏجي مادري ٻوليءَ کي عزت ڏيندا تڏهن ئي سنڌي ٻولي پنهنجي اصل مقام تي پهچندي. ڇو تہ جيڪا قوم پنهنجي ٻوليءَ سان وفادار رهي ٿي تاريخ بہ ان سان وفادار رهندي آهي.
 
Back
Top