آواز، ادب ۽ نشريات جو معتبر حوالو: ڪامران ڀٽي...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
آواز، ادب ۽ نشريات جو معتبر حوالو: ڪامران ڀٽي...!
فقير محمد سنڌي
سنڌي نشريات جي تاريخ ۾ ڪي آواز اهڙا آهن جيڪي صرف خبر نہ پڙهندا آهن پر وقت جي ڌڙڪن بڻجي وڃن ٿا. ڪامران ڀٽي اهڙي ئي هڪ باوقار، باصلاحيت ۽ علمي شخصيت جو نالو آهي جنهن پنهنجي آواز، قلم ۽ فني مهارت سان ريڊيو ۽ ادب ٻنهي کي مالا مال ڪيو.
15 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد جي واڍن واري پڙ ۾ جنم وٺندڙ الھ بخش ڀٽي جيڪو بعد ۾ ڪامران ڀٽي جي نالي سان مشهور ٿيو، هڪ محنتي ڪٽنب مان هو. سندس وڏا لوهارڪو ۽ واڍڪو ڌنڌو ڪندا هئا. هي دستڪاريءَ واري پس منظر شايد سندس شخصيت ۾ نفاست، ترتيب ۽ مضبوط مزاج پيدا ڪيو. هن 1982ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ايم.اي (صحافت) ڪئي جيڪا سندس علمي ۽ پيشاورانہ سنجيدگيءَ جو ثبوت آهي.
سندس فني زندگيءَ جي شروعات ريڊيو سان ٿي. صداڪار طور جڏهن هن نشريات جي دنيا ۾ قدم رکيو تہ ڪنهن کي اندازو نہ هو تہ هي آواز هڪ ڏينهن قومي سڃاڻپ بڻجي ويندو. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران جڏهن هن پنهنجي مخصوص پُراثر ۽ وقار ڀريي لهجي ۾ خبرون پڙهيون، تہ سڄي ملڪ ۾ سڃاتو ويو. اهو دور ريڊيو جو سنهري زمانو هو۽ ڪامران ڀٽيءَ جو آواز ماڻهن لاءِ اعتماد ۽ سچائيءَ جي علامت بڻجي ويو.
1972ع ۾ جڏهن سينٽرل نيوز آرگنائيزيشن کي باقاعدي طور Pakistan Broadcasting Corporation ۾ تبديل ڪيو ويو تہ کيس مستقل اسٽاف آرٽسٽ طور شامل ڪيو ويو. 1973ع کان 1987ع تائين اسلام آباد ۾ سنڌي نيوز ڪاسٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندي هن خبرخوانيءَ جو هڪ معيار قائم ڪيو. سندس ادائيگيءَ ۾ لفظن جي درستگي، جملن جي توازن ۽ لهجي جي سنجيدگي نمايان هوندي هئي.
ڪامران ڀٽي رڳو صداڪار نہ پر ادبي شعور رکندڙ ليکڪ ۽ مترجم پڻ هو. سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پشتو ٻولين تي دسترس هجڻ سبب هو ترجمي جي ڪم ۾ پڻ نمايان رهيو. ريڊيو لاءِ لکيل سندس اسڪرپٽ ۽ ڊراما فني لحاظ کان پختا ۽ ادبي لحاظ کان سُٺا سمجهيا وڃن ٿا. هن ريڊيو کي رڳو خبرن جو وسيلو نہ پر ٻوليءَ جي تربيت ۽ ادبي آبياريءَ جو مرڪز بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
1987ع کان پوءِ هو Radio Pakistan Hyderabad جو پروڊيوسر مقرر ٿيو جتي هن پروگرامنگ، تربيت ۽ تخليقي رهنمائيءَ جا فرض نڀايا. اداڪاريءَ جي ميدان ۾ بہ هن پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو. سنڌي فلمن “مٺڙا شال ملن” ۽ “چانڊوڪي” سميت ڪيترن ٽي وي ڊرامن ۾ سندس اداڪاري قدرتي ۽ مڪالماتي قوت سان ڀرپور هئي.
سندس فني ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور کيس صدارتي اعزاز تمغہ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. 13 ڊسمبر 1994ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيڻ باوجود هو فڪري ۽ فني حوالي سان سرگرم رهيو.
28 اپريل 2023ع تي 90 ورهين جي ڄمار ۾ سندس وفات سان سنڌي نشريات جو هڪ سنهري باب بند ٿيوپر سندس آواز، اسلوب ۽ ادبي وقار اڄ بہ ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪامران ڀٽيءَ جو نالو ان وقار سان ڳنڍيل آهي جنهن ريڊيو کي محض ميڊيا نہ پر هڪ علمي ۽ ادبي ادارو بڻايو. سندس زندگي ثابت ڪري ٿي تہ جڏهن آواز ۾ سچائي، لفظن ۾ سنجيدگي ۽ فڪر ۾ پختگي هجي تہ انسان وقت کان اڳتي نڪري تاريخ جو حوالو بڻجي وڃي ٿو.
 
Back
Top