فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
نائب بلبلِ سنڌ حافظ علي اڪبر قاسمي جو وڇوڙو....!
فقير محمد سنڌي
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب،
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو.
سنڌ هڪ سحرانگيز مذهبي مقرر، شاعر ۽ فڪري آواز کان محروم ٿي وئي.
سنڌ جي مذهبي، ادبي ۽ روحاني فضا ۾ پنهنجي اثرائتي آواز، سوز ڀري لهجي ۽ فڪري سچائيءَ سان سڃاتو ويندڙ نائب بلبلِ سنڌ حافظ علي اڪبر قاسمي جو وڇوڙو رڳو هڪ فرد جي وفات نہ پر هڪ فڪري ۽ روحاني دور جي پڄاڻي آهي. هن شخصيت پنهنجي تقرير، شاعري ۽ ديني فڪر وسيلي سنڌي سماج کي علم، محبت ۽ شعور جو پيغام ڏنو، جيڪو گهڻي عرصي تائين ياد رکيو ويندو.سنڌ جي مذهبي ۽ فڪري تاريخ ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن سان مالا مال رهي آهي جن پنهنجي آواز، قلم ۽ فڪر وسيلي عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي. اهڙن ئي شخصيتن مان هڪ نالو حافظ علي اڪبر شيخ جو پڻ آهي جيڪو سنڌي سماج ۾ هڪ سحرانگيز مذهبي مقرر، شاعر ۽ فڪري انسان طور سڃاتو ويندو هو.
حافظ علي اڪبر شيخ جو تعلق هڪ اهڙي مذهبي ۽ علم دوست ماحول سان رهيو جتي دين کي رڳو رسمن تائين محدود نہ پر عمل، اخلاق ۽ انساني ڀائيچاري جي صورت ۾ سمجهيو ويندو هو. تہ هن جي تربيت ديني شعور، صوفي فڪر ۽ سنڌي روايتن جي روشنيءَ ۾ ٿي پر سندس شخصيت مان اها ڳالھ واضح نظر اچي ٿي تہ هو علم، عبادت ۽ خدمت جي روايت مان نڪتل هو.
حافظ علي اڪبر شيخ جون ديني خدمتون سندس سڃاڻپ جو بنيادي حوالو آهن. هو سنڌ جي انهن مقررن مان هو جن تقرير کي رڳو واعظ نہ پر فڪري گفتگو بڻايو. قرآن، حديث، صوفي بزرگن جي قولن ۽ شاھ لطيف جي فڪر کي سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ سندس خاص وصف هئي. خطابن ۾ دين جي اصل روح، انصاف، صبر، محبت ۽ انسان دوستي مرڪزي موضوع رهيا.
سنڌ جي روحاني مرڪزن سان سندس گهرو لاڳاپو هو، خاص طور تي درگاھ مشهوري شريف سان سندس عقيدت ۽ وابستگيءَ جو ذڪر مختلف حلقن ۾ ڪيو ويندو آهي. صوفي درگاهن سان هن جو رشتو رسمي نہ پر فڪري ۽ روحاني نوعيت جو هو جتي هو دين کي محبت ۽ رواداري جي پيغام سان ڳنڍي پيش ڪندو هو.
اسٽيج تي حافظ علي اڪبر شيخ جو نالو هڪ بهترين مقرر طور ورتو ويندو هو. سندس آواز ۾ سوز، لهجي ۾ اعتماد ۽ لفظن ۾ اثر هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ مذهبي محفلن ۾ کيس وڏي شوق سان ٻڌو ويندو هو. اڄ بہ سندس بيشمار آڊيو ۽ وڊيو تقريرون سوشل ميڊيا۽ يوٽيوب جهڙن پليٽفارم تي موجود آهن جيڪي مقبوليت ۽ عوامي اثر جو زنده ثبوت آهن.
ادبي حوالي سان بہ حافظ علي اڪبر شيخ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. کيس “نائب بلبلِ سنڌ” جو خطاب ملڻ ان ڳالھ جو اعتراف آهي تہ سندس شاعري ۽ نثر ۾ سوز، فڪر ۽ عوامي درد موجود هو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو آواز، روحاني احساس ۽ سماجي شعور چٽو نظر اچي ٿو.
29 جنوري 2026ع تي حافظ علي اڪبر شيخ جي وفات سنڌ لاءِ هڪ اهڙو خال ڇڏي وئي جيڪو رڳو هڪ شخص جو نہ پر هڪ فڪري آواز جو وڇوڙو هو. هو هليو ويو پر سندس تقريرون، شاعري ۽ روحاني فڪر اڄ بہ ماڻهن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ سچ سان جڙڻ جو حوصلو ڏين ٿا.
ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ حافظ علي اڪبر شيخ جهڙين شخصيتن جي زندگي ۽ خدمتن تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي سندن آڊيو ۽ وڊيو مواد کي آرڪائيوز ڪيو وڃي، تہ جيئن ايندڙ نسل سنڌ جي هن فڪري ۽ روحاني سرمائي کان واقف رهي.
هيءَ فڪر واري لهر بلڪل اُن ئي روحاني ڌارا سان جُڙي ٿي جيڪا شاھ عبداللطيف ڀٽائي، بابا فريد ۽ بلا شاھ وٽ ملي ٿي.
انا جي فنا، وحدت الوجود، ۽ انسان جي اندر ئي حقيقت جي تجلي جو روشن ڏيئو آهي.
حافظ علي اڪبر قاسمي جو ڀٽائي سرڪار، بابا فريد ۽ بلا شاھ سان عشق فقط عقيدت نہ پر فڪري نسبت هئي. هو لطيف سرڪار کي پنهنجي سڃاڻپ واري فلسفي ۽ بلا شاھ جي “مسجد ڊاهي مندر ڊاهي، دل صاف ڪر” واري بغاوتي روح کي هڪ ئي سُرن ۾ ٻڌي ڏسندو هو.
قاسمي لاءِ عشق ڪو خارجي عمل نہ پر اندروني سجاڳي هو.
حافظ علي اڪبر قاسمي، ڀٽائي جي سڪ ۽ بلا شاھ جي سچ کي هڪ ئي دل ۾ جيئرو رکڻ وارو عاشق هو جتي تصوف فڪر بہ آهي، بغاوت بہ ۽ محبت بہ.
ان محبت جو مرڪز درگاھ مشوري شريف بہ آهي جيڪا حافظ علي اڪبر شيخ قاسمي جي پنهنجي مرشد جي پاڙي ۾ آخري گاھ بڻي.
بيشڪ، اهڙو شخص واقعي وڏي نصيب وارو آهي.
مرشد جي پاڙي ۾ آخري آرام گاھ هئڻ رڳو زمين جو ويجهو هجڻ ناهي پر فڪر، فيض ۽ روحاني نسبت جو تسلسل آهي.اها ويجهڙائي ڄڻ هن ڳالھ جي شاهدي ٿي ڏئي ٿي تہ زندگيءَ ۾ جنهن دل مرشد سان جُڙي رهي،موت کان پوءِ بہ اها نسبت ٽُٽي نٿي.
اهڙي مٽي بہ خوشبودار ٿي وڃي ٿي جتي مرشد جي ياد، دعا ۽ سايي جو احساس موجود هجي.
سنڌي صوفي روايت ۾ تہ چيو ئي اهو ويو آهي تہ مرشد جي قربت، قبر ۾ بہ روشني بڻجي ٿي ۽ اهو نصيب هر ڪنهن کي نصيب نٿو ٿئي.