عبدالستار پنهور
فعال رڪن
تنهنجي هڪ نظر ڪافي آ،
باقي سڀ گُذر ڪافي آ.
دردِ دل جي درمان لئه،
تنهنجو هي اثر ڪافي آ.
ياد ۾ تنهنجي جيڪو گذري،
سو ئي مٺا پهر ڪافي آ.
ويجهو رهڻ جي سِڪ ته آهي،
پر پيار جو فڪر ڪافي آ.
تنهنجي خوشبو من ۾ مهڪي،
روح جو نگر ڪافي آ.
دنيا جي سڀ دولت تان ها،
"ستار" تنهنجو در ڪافي آ.
باقي سڀ گُذر ڪافي آ.
دردِ دل جي درمان لئه،
تنهنجو هي اثر ڪافي آ.
ياد ۾ تنهنجي جيڪو گذري،
سو ئي مٺا پهر ڪافي آ.
ويجهو رهڻ جي سِڪ ته آهي،
پر پيار جو فڪر ڪافي آ.
تنهنجي خوشبو من ۾ مهڪي،
روح جو نگر ڪافي آ.
دنيا جي سڀ دولت تان ها،
"ستار" تنهنجو در ڪافي آ.