عبدالستار پنهور
فعال رڪن
منهنجو سارو ڀرم تون آن،
رب جو ٿيل ڪرم تون آن.
ڇو پيو لڇان مان لُڙ پويان،
منهنجو دين ۽ ڌرم تون آن.
ٻئي در وڃڻ جو ڪم ڪهڙو؟
ڪعبو، مڪو، حرم تون آن.
لُڙڪ لڙيا ته ڇا ٿي پيو؟
اکين جو پيارو نِم تون آن.
بخشج هن ’ستار‘ کي مولا،
صفت ۾ سڀ کان اتم تون آن.
رب جو ٿيل ڪرم تون آن.
ڇو پيو لڇان مان لُڙ پويان،
منهنجو دين ۽ ڌرم تون آن.
ٻئي در وڃڻ جو ڪم ڪهڙو؟
ڪعبو، مڪو، حرم تون آن.
لُڙڪ لڙيا ته ڇا ٿي پيو؟
اکين جو پيارو نِم تون آن.
بخشج هن ’ستار‘ کي مولا،
صفت ۾ سڀ کان اتم تون آن.