عبدالستار پنهور
فعال رڪن
اي بي غيرت! اي ڌرتيءَ جا غدارو!
توهان کي ڪهڙي خبر؟
ته مٽي ڇا هوندي آ؟
توهان جي لئه ته هيءَ رڳو هڪ "مارڪيٽ" آ،
هڪ "سودو" آ، هڪ "ڪميشن" آ!
توهان جيڪي سنڌ جي سيني تي،
خنجر رکي، نقشن جون لڪيرون ٿا ڪڍو،
ٻڌي ڇڏيو...
هيءَ مٽي اسان جو روح آ،
۽ روح جا ٽڪرا ناهن ٿيندا!
توهان جنهن جي هنج ۾ پلجي، جوان ٿيا آهيو،
جنهن جي انّ سان پنهنجا پيٽ ڀريا اٿو،
تنهن کي ئي "ماءُ" چوڻ کان انڪار اٿو؟
توهان جهڙن بي وطنن لئه ته،
ڪو به قبرستان به پناھ نه بڻبو!
سنڌ کي ونڊڻ جو خواب ڏسندڙو!
توهان جون اکيون ڦاٽي وينديون،
توهان جا هٿ وڍجي ويندا،
جيڪڏهن سنڌو جي لهرن تي،
توهان ڪنهن به لڪير جو گمان ڪيو!
هيءَ سنڌ اسان جي لڄ آ،
هيءَ اسان جو ناموس آ،
۽ ناموس تي مٽيءَ جو هر ذرو،
اوهان لئه بارود بڻجي ڦٽندو!
ياد رکجو...
ڌرتيءَ جو کير لڄائيندڙن جو،
تاريخ ۾ رڳو "لعنت" ئي مقدر هوندي!
توهان کي ڪهڙي خبر؟
ته مٽي ڇا هوندي آ؟
توهان جي لئه ته هيءَ رڳو هڪ "مارڪيٽ" آ،
هڪ "سودو" آ، هڪ "ڪميشن" آ!
توهان جيڪي سنڌ جي سيني تي،
خنجر رکي، نقشن جون لڪيرون ٿا ڪڍو،
ٻڌي ڇڏيو...
هيءَ مٽي اسان جو روح آ،
۽ روح جا ٽڪرا ناهن ٿيندا!
توهان جنهن جي هنج ۾ پلجي، جوان ٿيا آهيو،
جنهن جي انّ سان پنهنجا پيٽ ڀريا اٿو،
تنهن کي ئي "ماءُ" چوڻ کان انڪار اٿو؟
توهان جهڙن بي وطنن لئه ته،
ڪو به قبرستان به پناھ نه بڻبو!
سنڌ کي ونڊڻ جو خواب ڏسندڙو!
توهان جون اکيون ڦاٽي وينديون،
توهان جا هٿ وڍجي ويندا،
جيڪڏهن سنڌو جي لهرن تي،
توهان ڪنهن به لڪير جو گمان ڪيو!
هيءَ سنڌ اسان جي لڄ آ،
هيءَ اسان جو ناموس آ،
۽ ناموس تي مٽيءَ جو هر ذرو،
اوهان لئه بارود بڻجي ڦٽندو!
ياد رکجو...
ڌرتيءَ جو کير لڄائيندڙن جو،
تاريخ ۾ رڳو "لعنت" ئي مقدر هوندي!