غارِ ڪھف جو سائنسي مطالعو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
WKxoX.th.jpg



انساني شعور، جديد بايولوجي ۽ فزڪس جي تاريخ ۾ جڏهن اسين وقت (Time) ۽ انساني جسم جي لاڳاپي جو جائزو وٺون ٿا ته خبر پوي ٿي ته مادو ۽ وقت ٻئي هڪ ٻئي جا قيدي آهن۔۔
انسان جو جسم وقت جي ڪائناتي وهڪري آڏو رڳو هڪ ڪمزور حياتياتي ڪئنوس آهي، جنهن تي وقت پنهنجي زوال (Aging) جون لڪيرون ڇڪيندو رهي ٿو۔۔۔
پر جڏهن ڪائنات جو اهو مطلق العنان ۽ احد و واحد خالق، جنهن هن فور ڊائمينشنل فيبرڪ (Four-Dimensional Fabric) کي تخليق ڪيو آهي، ڪنهن نظام کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ٿو ته هو فزڪس ۽ ٿرموڊائنامڪس جي سڀني قانونن کي پنهنجي هڪ اشاري سان بائي پاس ڪري ٿو ڇڏي۔۔۔

غار جي اندر ڪهڙو ڪائناتي ۽ سائنسي عمل جاري ٿيو، الله رب العزت ان کي هڪ اهڙي حيرت انگيز اعصابي (Neurological) اصطلاح سان شروع ڪري ٿو جيڪا جديد ميڊيڪل سائنس جي بنيادن کي لوڏي ڇڏي ٿي۔۔۔


فَضَرَبْنَا عَلٰۤى اٰذَانِهِمْ فِی الْكَهْفِ سِنِیْنَ عَدَدًاۙ ثُمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَیُّ الْحِزْبَیْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْۤا اَمَدًا۠

پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا).
پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ته ڏسون ته ٻنهين جماعتن مان ڪير ان (وقت) کي صحيح ڳڻڻ وارو آهي جيڪو (غار ۾) رهيا.
(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))
سورة الۡکَہۡفِ آيت 11 ۽ 12

هنن ٻن آيتن ۾ جديد ”نيورو اڪوسٽڪس“ (Neuro-Acoustics) ۽ سليپ سائنس (Sleep Science) جو اهو عظيم معجزو لڪل آهي، جيڪو انسان ايڪيهين صدي ۾ اچي دريافت ڪيو۔۔۔
الله تعاليٰ اهو نه فرمايو ته ”اسان سندن اکين تي پردو وڌو“ يا ”اسان کين سمهاري ڇڏيو“، پر هڪ خاص حياتياتي عضو ”ڪنن“ (آذانهم) جو ذڪر ڪيو۔۔۔
ميڊيڪل سائنس ٻڌائي ٿي ته جڏهن انسان گهري ننڊ ۾ هوندو آهي ته سندس اکيون، عضلا ۽ شعوري دماغ (Conscious Mind) بند ٿي وڃن ٿا، پر ”سماعت“ (Hearing) اهو واحد حسي نظام آهي جيڪو ننڊ ۾ به الرٽ رهي ٿو۔۔۔
الله، جيڪو هن انساني مشينري جو الٽيميٽ ڊزائنر آهي، ڄاڻي پيو ته جيڪڏهن کين صدين تائين سمهارڻو آهي ته سندن دماغ جي ”آڊيٽري ڪارٽيڪس“ (Auditory Cortex) جو ٻاهرين دنيا سان رابطو ڪٽڻو پوندو۔۔۔
هي عام ننڊ نه هئي، پر مڪمل ”سينسري ڊيپريويشن“ (Sensory Deprivation) ۽ ”ميٽابولڪ فريز“ (Metabolic Freeze) جو عمل هو۔۔۔
۽ جڏهن الله کين جاڳايو ته مقصد اهو هو ته وقت جي نفسياتي ادراڪ (Psychological Perception of Time) جو امتحان ورتو وڃي۔۔۔
وقت ڪا مطلق (Absolute) شيءِ نه، پر اضافي ۽ ادراڪي ڪيفيت آهي۔۔۔
پوءِ الله تعاليٰ هن واقعي جي اصل حقيقت بيان ڪئي:

نَحْنُ نَقُصُّ عَلَیْكَ نَبَاَهُمْ بِالْحَقِّ١ؕ اِنَّهُمْ فِتْیَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَ زِدْنٰهُمْ هُدًىۗۖ وَّ رَبَطْنَا عَلٰى قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَاۡ مِنْ دُوْنِهٖۤ اِلٰهًا لَّقَدْ قُلْنَاۤ اِذًا شَطَطًا

اسان تو کي انهن جي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اُهي چند نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هيو ۽ اسان کين هدايت ۾ ترقي ڏني. ۽ اسان انهن جون دليون ان وقت مضبوط ڪيون جڏهن اُهي اٿيا پوءِ چيائون: ”اسان جو پالڻهار ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار آهي ان کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪنداسين. (اگر ائين ڪيون ته) اسان نهايت غلط ڳالهه چئي“.
(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))
سورة الۡکَہۡفِ آيت13 ۽ 14

هي آيتون عمرانيات، انقلابي نفسيات ۽ الهياتي استقامت جو شاهڪار آهن۔۔۔
ڪفر ۽ اسٽيٽس ڪو خلاف بغاوت اڪثر نوجوانن مان اڀرندي آهي۔۔۔
”وَرَبَطْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ“
(۽ اسان انهن جون دليون ان وقت مضبوط ڪيون )۔۔۔
هو پنهنجي وقت جي ظالم بادشاهه دقيانوس جي سامهون بيٺا هئا، پر سندن دلين ۾ خوف نه هو۔۔۔
ڇو؟
ڇو ته آسمانن ۽ زمين جي رب سندن دلين کي الهياتي استقامت سان ٻڌي ڇڏيو هو۔۔۔
انهن اعلان ڪيو ته اسين رڳو هڪ رب آڏو جهڪنداسين۔۔۔
پوءِ انهن پنهنجي قوم کان دليل گهريو:
”لَّوْلَا يَأْتُونَ عَلَيْهِم بِسُلْطَانٍ بَيِّنٍ“
يعني واضح دليل پيش ڪريو۔۔۔
جڏهن باطل وٽ دليل ختم ٿيندو آهي ته هو جبر تي لهي ايندو آهي۔۔۔
انهن فيصلو ڪيو ته مشرڪ معاشري کان الڳ ٿي غار ۾ پناه وٺون۔۔۔
انهن چيو:
”يَنشُرْ لَكُمْ رَبُّكُم مِّن رَّحْمَتِهِ“
يعني رب پنهنجي رحمت کولي ڇڏيندو۔۔۔
هاڻي الله غار جي جغرافيائي رخ ۽ سج جي حرڪت جو سائنسي نقشو بيان ڪري ٿو:

وَ تَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْیَمِیْنِ وَ اِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَ هُمْ فِیْ فَجْوَةٍ مِّنْهُ١ؕ ذٰلِكَ مِنْ اٰیٰتِ اللّٰهِ١ؕ مَنْ یَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ١ۚ وَ مَنْ یُّضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهٗ وَلِیًّا مُّرْشِدًا۠

۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نه لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نه لهندين).
(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))
سورة الۡکَہۡفِ آيت 17

هي جديد ڪرونو بائيولوجي (Chronobiology) ۽ ايسٽرو فزڪس جو ڪائناتي انڪيوبيٽر هو۔۔۔
سج جي سڌي شعاعن کان بچاءُ، پر مناسب روشني، ۽ هوا جي مناسب گردش۔۔۔
هي ڪائناتي توازن سندن جسمن کي محفوظ رکيو۔۔۔
پوءِ الله فرمايو:
”وَنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَذَاتَ الشِّمَالِ“
(اسان کين ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڦيرائيندا رهياسين)۔۔۔
هي اهو طبي اصول آهي جيڪو اڄ ICU وارڊن ۾ لاڳو ٿئي ٿو ته بيڊ سورس (Bedsores) نه ٿين۔۔۔
انهن جو ڪتو به غار جي در تي ٻانهون پکيڙي ويٺو هو۔۔۔
”وَكَلْبُهُم بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيدِ“
ڪتي جي اناٽومي انسان کان مختلف آهي۔۔۔
هو ”سفنڪس پوسچر“ (Sphinx Posture) ۾ پنهنجي وزن کي برابر ورهائي سگهي ٿو۔۔۔
اهو به هڪ قسم جي سسپينڊڊ اينيميشن ۾ هو۔۔۔
الله غار جي چوڌاري اهڙو هيبتي هالو ٺاهي ڇڏيو هو جو جيڪو به ڏسي ها ته ڊپ ۾ ڀڄي وڃي ها۔۔۔
”لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا“۔۔۔
۽ پوءِ صدين جي ننڊ ٽٽي۔۔۔
”قَالُوا لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ“
(اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيا آهيون)۔۔۔
ٽائم ڊائيليشن (Time Dilation) جي حيرت انگيز مثال۔۔۔
ٽين صدين کان پوءِ به کين لڳو ته رڳو هڪ ڏينهن گذريو۔۔۔
انهن پنهنجي ساٿي کي ٽي سؤ سال پراڻو چاندي جو سڪو ڏئي شهر موڪليو۔۔۔
۽ چيو:
”أَيُّهَا أَزْكَىٰ طَعَامًا“
يعني سڀ کان پاڪ کاڌو وٺي اچ۔۔۔
ڀوک به کين حرام ڏانهن مائل نه ڪري سگهي۔۔۔
کين اڃا به ان جابر رياستي نظام جو خوف هو۔۔۔
پر کين خبر نه هئي ته اهو سڄو نظام مٽي ٿي چڪو آهي۔۔۔
ڇا اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته جڏهن ٽي سؤ سال پراڻو سڪو هڪ نئين شهر جي بازار ۾ داخل ٿيندو ته تاريخ، معيشت ۽ سماج جو ڪيترو وڏو ٽڪراءُ ٿيندو؟
هي اهو سچ آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته نظام بدلجڻ ۾ دير نٿي لڳي، شرط فقط اهو آهي ته غار واري توڪل ۽ عقيدي سان بيهجي۔۔۔
 
Back
Top