فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
علم، لطيفيات ۽ لوڪ سجاڳيءَ جو آفتاب: اڪرم حيدري...!
فقير محمد سنڌي
ڪو سپنو سرجي اڀري ٿو
هن تنبوري جي تارن مان
تون چندرما جي ناوَ جھلي
ٿي نڪرين دور ستارن مان
سنڌ جي سرزمين صدين کان علم، عشق ۽ عرفان جي امين رهي آهي. هتي جڏهن به ڪنهن سچي استاد جنم ورتو آهي، تڏهن هن رڳو سبق نہ پڙهايو آهي پر نسلن جي نصيب ۾ نئون اُجالو لکيو آهي. اڪرم حيدري بہ اهڙي ئي فڪري روايت جو روشن حوالو آهي. اهڙو استاد جنهن جي هٿ ۾ ڪتاب، دل ۾ قوم جو درد، ۽ قلم ۾ لطيف روشني آهي.
پاڻ 3 مارچ 1980ع تي تعلقي حيدرآباد جي ٻهراڙي جي ڳوٺ ٽنڊوحيدر ۾ جنم ورتو. والد بزرگوار شمس الدين پنھور سادگي ۽ سچائيءَ جو پيڪر هئا. گهر جي اهڙي اخلاقي فضا اڪرم جي مزاج ۾ وقار، انڪساري ۽ علم دوستيءَ جو بنياد وڌو.
تعليمي سفر جي ابتدا جدوجهد کان جوت تائين اڪرم حيدري کي نئون ڌڳ مهيا ڪيو.
ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ جاکوڙ جاري رکي. پاڻ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪري تدريسي ميدان ۾ داخل ٿيا سندس نظر ۾ تعليم صرف ڊگري نہ پر داخلي روشني آهي. هو چوندو آهي تہ استاد جو ڪم نصاب مڪمل ڪرڻ نہ پر انسان مڪمل ڪرڻ آهي.
سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران کيس “بيسٽ ٽيچر اوارڊ” سان نوازيو ويو جيڪو تدريسي سچائيءَ جو اعتراف آهي.
ڪلاس روم ڪتابي ڄاڻ کان اڳتي وڌي، تربيت جو مرڪز بڻجي ويو. شاگرد سندس صحبت ۾ سچائي، سماجي ذميواري ۽ قومي شعور سکندا رهيا. هن جو انداز نرم، دليل مضبوط، ۽ مقصد واضح رهيو.
ان حوالي سان مون کي
شيخ اياز جو هي شعر ياد اچي ٿو
آنءُ سانوڻ مينهن آهيان،
نينهن آهيان،
مان جهڙالو ڏينهن آهيان!
ڪيتريون مون سان گهٽائون ٿيون اچن،
ڪيتريون مون مان صدائون ٿيون اچن.
اياز جي هن سٽ وانگر، اڪرم بہ سچ کي باھ سمجهي ٿو جيڪا ساڙيندي بہ آهي پر روشني بہ ڏيندي آهي.
اڪرم حيدري جي فڪر جو مرڪز لطيفيات آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي روحاني ۽ فڪري تشريح ۾ هن پنهنجو منفرد انداز پيش ڪيو آهي.
“تو بيت ڀانيان” 2 جلد شاھ سائين جي بيتن جي فڪري ۽ روحاني شرح
“سر ڪلياڻ جي روحاني تشريح”
سر ڪلياڻ جي معنوي پرتَن جو تحقيقي جائزو
“ٽنڊوحيدر: شخصيت، ماڳ ۽ مڪان” مقامي تاريخ ۽ علمي ورثي تي جامع ڪم ٿيل آهي.
اڪرم حيدري جي فڪر ۾ عملي صورت اختيار ڪندي نظر اچي ٿو سندس قلم سماجي بي حسي، فرسوده رسمن ۽ اخلاقي زوال خلاف اُڀرندو رهيو آهي. هن لاءِ علم تبديليءَ جو اوزار آهي.
تنوير عباسي جا خيال ڪجھ هن ريت آهن.
“هيءَ ڌرتي منهنجي ساھ ۾ وسندي رهي،
لفظن ۾ ان جو سڏ سدائين رهندو.”
تنوير عباسي جي ڌرتي سان عشق جهڙي وابستگي، اڪرم حيدري جي تحريرن ۾ بہ سماجي شعور جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
امداد حسيني جا احساس بہ اڪرم حيدري جي زندگي جا راهي آهن.
“وقت جي ويرانيءَ ۾ سچ جو آواز،
انسان کي امر ڪري ڇڏيندو آهي.”
اڪرم حيدري جي فڪر سان گونجندو محسوس ٿئي ٿو.
اڪرم حيدري جي شاعري ۾ لطافت، روحانيت ۽ سماجي سجاڳي گڏيل نظر اچن ٿا. هن جي لفظن ۾ نه رڳو سوز آهي پر سمت بہ آهي. سندس لهجو روايت ۽ جديديت جي وچ تي هڪ متوازن پل بڻجي ٿو.
هو محبت کي بہ اخلاق جي روشنيءَ ۾ ڏسي ٿو ۽ قوميت کي بہ علم جي آڌار سان سمجهي ٿو.
اڪرم حيدري عاجزيءَ جو پيڪر آهي. شاگردن لاءِ شفقت، دوستن لاءِ محبت ۽ سماج لاءِ صداقت سندس سڃاڻپ آهي. هو شخصيت ۾ نرم، اصولن ۾ پڪو ۽ فڪر ۾ روشن آهي.
مختلف علمي ادارن پاران کيس مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.
"گورنمينٽ ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ "، آل پاڪستان رائٽرز ويلفيئر ايسوسيئيشن مضمون نويسي مڃتا", "انٽرنيشنل رائيٽرس فورم علمي اعتراف، " ۽ " سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم بيسٽ سوشل ايڪٽيوسٽ سرٽيفڪيٽ "
اڪرم حيدري هڪ فرد نہ پر فڪر آهي هڪ استاد نہ پر تحريڪ آهي. هن جي زندگيءَ مان اهو سبق ملي ٿو تہ جڏهن علم، اخلاق ۽ ادب گڏ ٿين ٿا تہ سماج ۾ روشني وڌي ٿي.
سنڌ جي علمي آسمان تي اڪرم حيدري هڪ اهڙو آفتاب آهي جيڪو تدريسي ڪلاس روم کان وٺي ادبي محفلن تائين پنهنجو نور ورهائي رهيو آهي.
آخر ۾ لطيف سرڪار جو بيت آهي، تہ
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گھڻو.