• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رجسٽريشن ڪرائڻ دوران پريشانيون

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
محترم رشيد سمون ۽ انتظاميه جا ٻيا ميمبر ڀائرو
ادا ڪالهه مونکي سنڌ سلامت تي رجسٽريشن ڪرڻ دوران ڪافي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو جنهن ۾
پاسورڊ لکڻ سان ظاهر نه پيو ٿئي (ساڳيو مسئلو لاگ ان دوران به آهي)
اي ميل ايڊريس لکڻ سان صحيح ڏسڻ ۾ نه اچڻ
سامهون واري اکرن ۽ عددن واري تصوير جو واضح نه هجڻ
حوالو ڏيندڙ رڪن جو نالو غلط هجڻ
شامل آهن، ٻين دوستن کي جڏهن سنڌ سلامت کي جوائن ڪرڻ جو چيم ته انهن به ساڳين ئي مسئلن جو ذڪر ڪيو، منهنجي رجسٽريشن ڪيئن ٿي اهو ته مان ڄاڻان پر باقي ساٿ رجسٽريشن ڪيئن ڪري
ادا انهن مسئلن تي وڌيڪ غور ڪيو
sindhsalamatsaathsal
 
ادا، زاهد سومرا رجسٽريشن جو طريقو تمام آهي، مٺا پوءِ به منهنجا ادا اسان جا جوڌا جوان انهي کي آسان کان آسان ۽ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهن۔ بس رڳو توهان جي ساٿ جي ضرورت آهي۔
 
ادا زاهد توهان جي مسئلن جو تفصيلي جواب ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔۔

پاسورڊ لکڻ سان ظاهر نه پيو ٿئي (ساڳيو مسئلو لاگ ان دوران به آهي)
جيئن ته فورم تي محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جو ٺاهيل سنڌي ويب فونٽ ڊيفالٽ طور رکيل آهي ان ڪري پاسورڊ لکڻ دوران فونٽ سائيز گهٽ هجڻ ڪري لکندي نظر نه ايندو آهي۔۔۔۔ پر سنڌي انسٽالر پروگرام انسٽال ٿيل هجڻ جي صورت ۾ پاسورڊ لکندي نظر ايندو آهي۔۔۔۔۔ ان جي باوجود ڪوشش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پاسورڊ وارو مٽائجي۔۔۔

اي ميل ايڊريس لکڻ سان صحيح ڏسڻ ۾ نه اچڻ
ان جو جواب به ساڳيو ئي آهي ته سنڌي ويب فونٽ انگريزي الفابيٽ کي ٿورو ترڇو ڪري ظاهر ڪن ٿا جنهن ڪري اي ميل ايڊريس صحيح نظر نه ايندي هوندي۔۔۔۔

سامهون واري اکرن ۽ عددن واري تصوير جو واضح نه هجڻ
اهڙي صورت ۾ رجسٽريشن ڪرائيندڙ مهمان کي گهرجي ته تصوير ڏيکاريندڙ انهي باڪس جي هيٺان موجود لفظن ”تصوير کي تازو ڪريو“ کي ڪلڪ ڪري

حوالو ڏيندڙ رڪن جو نالو غلط هجڻ
ادا فورم جي جنهن رڪن جو حوالو لکڻ چاهيندا هجو ان جو مڪمل نالو لکجي۔۔۔۔ جيڪڏهن نالي ۾ ڪو سپيس هجي ته اهو به لڳائجي ۔۔۔۔ نه ته چار اکر لکڻ کان پوءِ انتظار ڪجي ته فورم پاڻمرادو رڪن جي نالي جي صلاح ڏيندو جنهن کي ڪلڪ ڪجي۔۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ انهي مرحلي کي ئي نظر انداز ڪجي۔۔۔۔

جيڪڏهن توهان کي جوابن مان تسلي ملي هجي ته آگاه ڪندا
 
يار ايڏي گهل جي صرورت ڪهڙي آهي سڌو جواب ته ادا زاهد فونٽ جو مسئلو آهي اهي سائيز ۾ ننڍا آهن الله مالڪ آهي هالي ان تي ئي گذارور ڪيو اڳتي الله مالڪ آهي
 
ادا، رشيد ۽ ادا علي علي توهان ٻئي درست آهيو۔ فونٽ واري مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرائڻ گهرجي
 
Back
Top