مست
سينيئر رڪن
آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق جي نتيجي ۾ روايتي انجيڪشن جي متبادل جي طور تي هڪ نئين ٽيڪنالوجي مائيڪرونيڊل ايجاد ڪئي وئي آهي، جنهن سان نه صرف انجيڪشن جي تڪليف کان نجات ملندي، پر انجيڪشن جي خوف کان به نجات ملي ويندي. واشنگٽن ڊي سي ۾ انفليوئينزا ويڪسين پراجيڪٽ جي سائينٽيفڪ ڊائريڪٽر رِڪ برائيٽ جي مطابق اهي تجربا پهرين ڪوئن تي ڪيا ويا، جنهن ۾ دوا مائيڪرو نيڊلز جي ذريعي ڪوئن ۾ منتقل ڪئي وئي، هڪ ملي ميٽر کان به گهٽ سائيز واري اها مائيڪرو نيڊل ڪوئن جي جسم ۾ داخل ٿيندي ئي حل ٿي وئي، جنهن سان انهن کي تڪليف ٿي ئي ڪانه، هاڻي انهيءَ ريسرچ جو مقصد آهي ته انهيءَ ٽيڪنالوجي کي انسان تي ڪيئن استعمال ڪجي.

