• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل وٽان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

152z1hh.jpg
[/IMG]
 
جواب: دل وٽان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

دوست درويش، اوهان صحيح ٿا چئو ته هروڀرو دوستن کي آزمائيندو نه وتجي ۔۔۔ پر لطيف سڳوري به ڇا خوب چيو آهي ته؛
دوست سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي۔

سو مٺڙا دوست! دوست پنهنجو پاڻ آزمائجي ويندو آهي جڏهن ڪو ڪم پوندو آهي، جڏهن ڪنهن دوست جي ضرورت وقت همراه گولي ٿي ويندا آهن ته سمجهي وڃو ته ۔۔۔ دوست ناهي ٿيندو هر هٿ ملائڻ وارو ۔۔۔ دوست هڪ سونهري رشتو آهي ۔۔۔ اوهانکي دوستي تي وڌيڪ پڙهڻو آهي ته هيٺ لنڪ ڏسو؛
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=625
 
جواب: دل وٽان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عمران تمام سٺو لڳو۔۔
ادا توهان هي گرافڪس ڪيئن ڪندا آهيو۔ پليز شيئر ڪندا۔
 
جواب: دل وٽان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عمران درويش آزمائش يا آزمائڻ واري وقت ۾ صرف دوست ئي ڪم ايندا آهن ، جيڪڏهن دوست آزمائش ۾ پورو لٿو تڏهن به هو آزمائش ۾‌ جيڪڏهن آزمائش ۾‌ پورو نه لٿو تڏهن به آزمائش ۾، خير دوستي جي ڳالهه نڪتي آهي ته منهنجو هڪڙو تمام پراڻو چار سٽو ياد اچي ويو اٿم جيڪو تنهنجي نظر ڪري ٿو ڇڏيان۔

مُسڪرائي مُسڪرائي هر خُوشي جِي لاڄ رکجان
سڀ وسيلا آزمائي دلڪشي جِي لاڄ رکجان،
نفرتون ۽ دشمنيون ساري شهر ۾ عام آهن ،
تون وفا جا گُل پکيڙي دوستي جي لاڄ رکجان​
توهان جي هي ونڊ تمام شاندار آهي شال جڙيو هجين پنهنجي پيارن سان۔
 
تون وفا جا گُل پکيڙي دوستي جي لاڄ رکجان
واه سائين ناز صاحب لا جواب
 
جواب: دل وٽان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عمران درويش آزمائش يا آزمائڻ واري وقت ۾ صرف دوست ئي ڪم ايندا آهن ، جيڪڏهن دوست آزمائش ۾ پورو لٿو تڏهن به هو آزمائش ۾‌ جيڪڏهن آزمائش ۾‌ پورو نه لٿو تڏهن به آزمائش ۾

ادا نثار منهنجي ليک جو مطلب اهو آهي ته بغير ڪنهن ضرورت جي صرف ٽائم پاس ڪرڻ جي لا يا
ڪنهن کي مزاق ۾ پريشان ڪرڻ جي لا ڪنهن دوست کان مدد طلب نه ڪريو ٿي سگهي ٿو ته ان وقت هو پاڻ شديد پريشان هجي ۽ سندس پريشاني دوستن کان ڳجهي رکي هجي پر ان پريشاني ونڊڻ لا همٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، ٻين دوست پاران طلب ڪيل مدد سبب شرم کان هو پنهنجي ضرورتن جي پريشانين کي دل ۾ دٻائي ويهي۔ ته پو شايد اهو انتهائي ڏوکوئيندڙ عمل آهي۔

وڌيڪ هن ليک کي پنهنجي ڪمينٽس جوڳو سمجهڻ جي لاءِ لک ٿورا.

(بيشڪ ڏکي وقت ۾‌الله تعالي هر بندي جي مدد جو وسيلو ٺاهي وٺندو آهي)
 
Back
Top