• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستن جي فرمائش مطابق سنڌ سلامت تي هڪ نئي سيڪشن ڪاڪي آچار جي اوطاق جو اضافو ڪيو ويو آهي، ڪاڪي آچار جو ڪردار سنڌ سلامت جي پنهنجي تخليق آهي، جنهن جي هر حرڪت ۾ مزاح جي عنصر ۾ سبق آموز قصا پڻ موجود هوندا آهن، جيئن ته سنڌ سلامت تي دوستن جي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ جي لاءِ ڪو خاص سيڪشن نه هو، انهيءَ ڪري اوهان سڀنيءَ جي لاءِ خاص هي سيڪشن جوڙيو ويو‌ آهي اميد ته ڪچهري، ڊاڙ ٺڪاءُ، حال احوال لاءِ ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ايندا۔۔ هاڻي سڀ فقير، مست ۽ ٻيا دوست واندڪائيءَ جي وقت ۾ اتي موجود هوندا۔ ها اتي توهان جي لاءِ هر شام صبح چانهه تيار هوندي، رڳو ٽوش پاپا پنهنجا کڻي اچجو۔۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

ادا سائين ،اوھان جي صلاح ته زبردست آھي واقعي اسان جي شھرن توڙي ٻھراڙين مان اصلي نج ڪچھري جو رواج آھستي آھستي ختم ٿيندو پيو وڃي ان کي وري واپس کڻي اچڻ جي ضرورت آھي ،پر ڪچھري جو انداز اھوئي ساڳيون ھئڻ گھرجي جنھن ۾ عام ڪچھري سان گڏ ڏور بيت سگھڙن جا ھنر ۽ عام ڳجھارتون پڻ شامل ھجن ته پو واھ واھ اصل مزو اچي ويندو ۔ادا اھا به زبردست ڪوشش آھي اسان اوھان سان سھمت آھيون
 
بلڪل ادا۔۔۔ هاڻي اسان پنهنجي ذميواري سمجهي اوطاق کي شروع ڪيو آهي، توهان دوستن جي تعاون سان ان کي وسائي سگهبو، اسان وٽ سنڌ سلامت تي ماشاءَ الله پڙهيل لکيل ‌۽ سنڌي ادب جا ڄاڻو ماڻهو اچن ٿا، انهن جي مدد سان انشاءَ الله ڳجهارتون به پيش ڪبيون،، اصل سيد صالح محمد شاهه واري ڪچهري وارو دور تازو ٿي ويندو۔۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

ير توش پاپن واري شرط ٿوڙي اڻائي آهي۔ اسان فقير ماڻهو هاڻي ته بيڪرين وارا به رکيل سکيل پاپا ٿا ڏين۔۔۔ حقيقت ۾‌ اهو سڄو بندوبست اوطاق وارن کي ڪرڻ‌ گهرجي۔ هن کي گهرجي ته هڪ ڪٽو پاپن جو گهرائي رکي۔ جيئن سنگت ان مان فيضياب ٿي سگهي۔۔۔۔
 
پوءِ‌چانهه جو ڪوپ ته ڀلا گهران ٺهرائي اچجان۔۔۔ ڪَٽو مون کي سستو پوندو، بس هاڻي چانهه جو وري بندوبست اوهان کي ڪرڻو پوندو
 
اسان پاڻ‌ پِنَ تي ٿا گذارو ڪيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وري چانهه هيڏي سنگت کي چانهه پيئارڻ‌ مطلب ٻن ڏينهن جي روضي تي لت هڻڻ۔۔۔ پر ير آهي ته سنگت نه۔۔۔ ڪري وٺبو۔۔۔ ڇنڇر تي سڀئي فقير ايندا پو‌جيڪو ڀتو مليو۔۔۔ سنگت جي حوالي ڪبو۔۔۔۔ وري آچر واري ڏينهن تي واهه تي به هلڻو آهي نه۔۔۔۔۔
 
هائو ادا۔۔ توکي ته هڪڙو اسان واري ڪاڪي آچار جي چانهه وڻي ڪانه ٿي، بس ايئن ڪر ته هاڻي گهران سڄي سنگت لاءِ ٺهرائي ايندو ڪر۔۔۔
واهه تي بروبر هلنداسين۔۔ پر يار خبر ته لهه واهه ۾ پاڻي آهي يا ڪونه۔۔
 
هائو ير! واهه ۾ ته پاڻي ڪونهي، اها ڳالهه اوطاق تي ادي وڏي به ساڳئي ئي ڳالهه ڪئي هئي ته هن سڄي رات پاڻي‌ جو انتظار ڪيو پر کيس ڪونه فائدو ڪونه پيو۔۔۔۔

ٽيوب ويل ته آهن ئي آهن جاني۔۔۔
 
خيال ڪجان يار۔۔۔ پوري ڳوٺ ۾ آهن ئي ٻه ٽيوب ويل، هڪ ٽيوب ويل جو ٽرانسفارمڙ سڙيو پيو اٿئي، ۽ ٻئي ٽيوب ويل تي وڏيري ڪانڀو خان جا ماڻهو بيٺل اٿئي ، بس پاڻ ته سنڌين واري هٿئي واري نلڪي سان گهر ۾ ونجهڻ ۾‌غنيمت سمجهون ٿا۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

دوستن جي فرمائش مطابق سنڌ سلامت تي هڪ نئي سيڪشن ڪاڪي آچار جي اوطاق جو اضافو ڪيو ويو آهي، ڪاڪي آچار جو ڪردار سنڌ سلامت جي پنهنجي تخليق آهي، جنهن جي هر حرڪت ۾ مزاح جي عنصر ۾ سبق آموز قصا پڻ موجود هوندا آهن، جيئن ته سنڌ سلامت تي دوستن جي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ جي لاءِ ڪو خاص سيڪشن نه هو، انهيءَ ڪري اوهان سڀنيءَ جي لاءِ خاص هي سيڪشن جوڙيو ويو‌ آهي اميد ته ڪچهري، ڊاڙ ٺڪاءُ، حال احوال لاءِ ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ايندا۔۔ هاڻي سڀ فقير، مست ۽ ٻيا دوست واندڪائيءَ جي وقت ۾ اتي موجود هوندا۔ ها اتي توهان جي لاءِ هر شام صبح چانهه تيار هوندي، رڳو ٽوش پاپا پنهنجا کڻي اچجو۔۔۔

اصلي تمام سٺو ڪم ڪيو اٿو ادا مست اوهان جو ڪ م وڻيو۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

خيال ڪجان يار۔۔۔ پوري ڳوٺ ۾ آهن ئي ٻه ٽيوب ويل، هڪ ٽيوب ويل جو ٽرانسفارمڙ سڙيو پيو اٿئي، ۽ ٻئي ٽيوب ويل تي وڏيري ڪانڀو خان جا ماڻهو بيٺل اٿئي ، بس پاڻ ته سنڌين واري هٿئي واري نلڪي سان گهر ۾ ونجهڻ ۾‌غنيمت سمجهون ٿا۔۔

ڇا ڪندو اهو وڏيرو۔۔۔۔۔ صلفي جو سوٽو هڻائي اهڙو عرش تي چاڙهي ڇڏيندومانس جو لهندو ئي ڪونه۔۔۔۔ ير اهو نڀاڳي انگريزي ۾ ڇا چوندا آهن۔ پيڪنڪ هائو پيڪنڪ۔۔۔۔۔ ڪرڻ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي۔۔۔ مڙئي ڪوري جي ڪڪڙ کي چورائي ان کي ڪلهو ڏئي رِضو جي گهران برياني ٺاهرائي هلنداسي۔۔۔۔۔۔ وڏيري کي به کارائينداسي۔۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

ڇا ڪندو اهو وڏيرو۔۔۔۔۔ صلفي جو سوٽو هڻائي اهڙو عرش تي چاڙهي ڇڏيندومانس جو لهندو ئي ڪونه۔۔۔۔ ير اهو نڀاڳي انگريزي ۾ ڇا چوندا آهن۔ پيڪنڪ هائو پيڪنڪ۔۔۔۔۔ ڪرڻ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي۔۔۔ مڙئي ڪوري جي ڪڪڙ کي چورائي ان کي ڪلهو ڏئي رِضو جي گهران برياني ٺاهرائي هلنداسي۔۔۔۔۔۔ وڏيري کي به کارائينداسي۔۔۔

خيال ڪر مولائي۔۔۔ وڏيري کي انهيءَ ڳالهه تي هيراڪ ڪر جنهن سان روز پڄي به سگهين، اڄ ڪوريءَ‌جو ڪڪڙ، سڀاڻي ولوءَ جو، وري راشوءَ جو، مطلب ته نيٺ ته ڪڪڙ ختم ٿيندا ڳوٺ جا۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

خيال ڪر مولائي۔۔۔ وڏيري کي انهيءَ ڳالهه تي هيراڪ ڪر جنهن سان روز پڄي به سگهين، اڄ ڪوريءَ‌جو ڪڪڙ، سڀاڻي ولوءَ جو، وري راشوءَ جو، مطلب ته نيٺ ته ڪڪڙ ختم ٿيندا ڳوٺ جا۔۔

اڄ جيڪو آهي ختم ڪر سڀاڻي نئون کوهه کوٽينداس۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

ادا تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو باقي ان شئي جي ڪمي هئي هن سنڌ سلامت فورم تي تمام بهترين.
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

ادا مان ته اڳي به عرض ڪيو ھو ت ڪاڪي آچار اوطاق اسان ته وسائڻ لا ته واجھايون پيا پر اھا ڪچھري ڪڏھن شروع ٿيندي ادا ؟
 
منهنجا ادا۔۔۔ مان ته مست آهيان پر توهان ته مست کي سست ٿا لڳو۔۔ ڀاءُ ٿوڙو نظر ڦيرايو اوطاق ڪڏهوڪو کُلي وئي آهي۔۔۔
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

دوستن جي فرمائش مطابق سنڌ سلامت تي هڪ نئي سيڪشن ڪاڪي آچار جي اوطاق جو اضافو ڪيو ويو آهي، ڪاڪي آچار جو ڪردار سنڌ سلامت جي پنهنجي تخليق آهي، جنهن جي هر حرڪت ۾ مزاح جي عنصر ۾ سبق آموز قصا پڻ موجود هوندا آهن، جيئن ته سنڌ سلامت تي دوستن جي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ جي لاءِ ڪو خاص سيڪشن نه هو، انهيءَ ڪري اوهان سڀنيءَ جي لاءِ خاص هي سيڪشن جوڙيو ويو‌ آهي اميد ته ڪچهري، ڊاڙ ٺڪاءُ، حال احوال لاءِ ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ايندا۔۔ هاڻي سڀ فقير، مست ۽ ٻيا دوست واندڪائيءَ جي وقت ۾ اتي موجود هوندا۔ ها اتي توهان جي لاءِ هر شام صبح چانهه تيار هوندي، رڳو ٽوش پاپا پنهنجا کڻي اچجو۔۔۔
ادا اهڙي اوطاق ۽ سنگت لاء تمام سنڌ سلامت جي دوستن لاء هي صوفي ڪلام پيش نظر ڪريان ٿو
http://www.youtube.com/watch?v=ZFV36R4ARfk&feature=related
 
جواب: اچو ته ڪاڪي آچار جي اوطاق وسايون۔۔۔

السلام عليڪم
هو هو گهر ورا هو هو
سائين اسان جنهن مال به ڪاڪي جي اوطاق ته اچون ان وقت ڪاڪي جي اوطاق تي ڪوتا روڙدا ڪهڙا هوندا آهن نه ڪاڪا نه ڪاڪو نه وري سنگت هاڻي ڪجي ڇا
 
Back
Top