مست
سينيئر رڪن
شگر جي مريضن کي شگر ليول ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هاڻي هر مهيني انسولين جا ڊزن کن انجيڪشن نه لڳرائڻا پوندا ڇو ته هاڻي هڪ اهڙي انسولين ايجاد ٿي وئي آهي، جنهن کي هڪ واري لڳائڻ سان شگر جي مريض جي شگر ليول ٻن مهينن تائين نارمل رهندي. اها انسولين انڊيا جي سائنسدانن طرفان تيار ڪئي وئي آهي.
عام طور تي شگر جي مريض کي مهيني ۾ 60 يا 90 تائين جي تعداد ۾ انسولين جا انجيڪشن هڻائڻا پوندا آهن، پر انهيءَ ايجاد سان کين انهيءَ مٿي جي سور کان به نجات ملي ويندي.انسولين جي هن انجيڪشن جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته عام انسولين جي انجيڪشن جي مقابلي ۾ هن جي انجيڪشن سان شگر جي مريض جو صبح جو شگر ليول گهٽ نه ٿيندو آهي، ياد رهي ته انهيءَ سنگين مسئلي جي ڪري شگر جي مريضن جي موت پڻ واقع ٿي ويندي آهي.
نئين دهليءَ جي نيشنل اميونالاجي انسٽيٽيوٽ جي اندر تيار ٿيندڙ هن انسولين جي تحقيق تي صرف 20 لک رپيا خرچ آيا ۽ هن جي تياريءَ ۾ 3 سال لڳا. نئين دهليءَ جي فورٽيس هسپتال جي شگر جي شعبي جي سربراهه انوپ مسرا، ڀارت جي حڪومت جي تحت قائم ٿيل ليبارٽريز ۾ هن کي هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي ايجاد قرار ڏنو آهي.