هڪ عجيب دعوت

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ عجيب دعوت؛

    دوستو! دنيا جا ماڻهون خوشين ڀري زندگي گذارين ٿا ... هو پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ جي زندگي گذاريندي هڪٻئي کي خوشيون ڏيندي اڳتي وڌي رهيا آهن ...

    دوستو! جرمنيءَ جي شهر دورتمنڊ Dortmund جي ٻاهران هلندڙ موٽر وي (هاءَ وي) تي هڪ پارٽيءَ جو سڏ ڏنو ويو هن پارٽيءَ جو نالو رکيو ويو Still life جنهن ۾ لڳ ڀڳ 50 لک کان به وڌيڪ ماڻهون شريڪ ٿيا، هن پارٽيءَ ۾ 20000 (ويهه هزار ) ٽيبلون رکيون ۽ سجايون ويون، ۽ هيءَ پارٽي هاءَ وي تي 60 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي محيط هئي ... عام طور تي هن رستي تي گاڏيون ۽ ڪارون 160 ڪلوميٽر جي رفتار سان هلنديون آهن پر پارٽيءَ واري ڏينهن تي هڪ به گاڏي روڊ تي نه آئي ۽ صرف پنڌ هلڻ وارا يا سائيڪلن تي هلڻ وارا اچي گڏ ٿيا هئا ... هيءَ پارٽي جرمنيءَ جي ته آهي ئي آهي پر دنيا جي يادگار پارٽي آهي ۽ جرمنيءَ وارن چيو آهي ته هو اها پارٽي هر سال ڪندا .... هن پارٽيءَ ۾ هر قسم جي فنڪارن حصو ورتو ۽ پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ماڻهن کان داد ورتو ۔۔۔!!!!!

    وڌيڪ اوهان هي فلمون ڏسو؛ ۽ سوچيون ته دنيا ڪهڙي نه سهڻي زندگي گذاري پئي ۽ اسين اڃان بارود جي ڌپ ۾ پاڪستان جي قهري ڪوٽ ۾ بند ”مارئيءَ“ جا گيت ٻڌي اکين مان ڳوڙها وهائي رهيا آهيون ... ڪيستائين ڪيستائين ڪيستائين ........؟؟؟؟

     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: هڪ عجيب دعوت

    اسان اميد ٿا ڪريو تو ڪو سنڌ جي سار لهڻ ضرور ايندو ۽ هي انقلاب ضرور ايندو ڇو جو سنڌ هميشه قيد ۽ آزاد ٿيندي رهي آهي ان جي تاريخ گوا آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ عجيب دعوت

    اڄ هڪ هندي ڊرامي جو ٻول مونکي ڏاڍو پسند آيو ۔۔۔

    شادي واري رات ما پنهنجي ڌي کان موڪلائيندي چوي ٿي ته ”ڌيءَ جڏهن توکي خوشي ملي ته ڏکن جي تياري ڪجانءِ ۽ جڏهن ڏک اچن ته آرام سان سکن جي اچڻ جو انتطار ڪجانءِ، ڇاڪاڻ وقت هميشه هڪجهڙو ناهي هوندو“

    سکن پٺيان ڏک، ڏکن پٺيان سک،

    سک، ڏکن جي سونهن ۔۔۔ گهوريا سک، ڏکن ريءِ

    انشاء الله سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي ۔۔۔ هڪ ڏينهن سنڌ ديس پنهنجو وڃايل وقار حاصل ضرور ڪندو ۔۔۔ آمين
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ عجيب دعوت

    يار ان ۾ پاڻ کي دعوت ڪونه ملي!!
    زرداري سان ڳالهائبو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو